سگريٽ

سگريٽ

سگريٽ

سگريٽ (Cigarette): سگريٽ، اڇي پني ۾ ويڙهيل تماڪ جي ٻيڙيءَ کي چئبو آهي. تماڪ ۾ جيئن ته نڪوٽين موجود هوندي آهي، ان جو نشو سڀني ٻين منشيات، آفيم، مارفين، هيروئن ۽ ميٿوڊين وانگر خطرناڪ آهي. ڊاڪٽرن موجب تماڪ جي دونهين ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ هاڃيڪار ڪيميائي جزا موجود هوندا آهن، تماڪ ۾ موجود
تار (Tar) چمڙي جي ڪينسر جو باعث بڻجي ٿو. سگريٽ نوشي ڪندڙ پراڻي کنگهه جو شڪار پڻ رهن ٿا. اهو کنگهه جو دورو ان وقت پوي ٿو، جڏهن سگريٽ ۾ موجود هاڃيڪار جُزا، ساهه جي ناليءَ ۾ جمع ٿي اُتي سوڄ ڪن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ بلغم جو اخراج پڻ وڌي وڃي ٿو.
سگريٽ نوشي ڦڦڙن جي ساخت کي پڻ نقصان پهچائي ٿي. انهن جي لچڪ ۾ ڪمزوري پيدا ڪري نه صرف انهن جي ڪارڪردگيءَ ۾ ڪمي آڻي ٿي، ان کانسواءِ آڪيسجن ۽ ڪاربانڊاءِ آڪسائيڊ جي ڏي وٺ جي عمل کي پڻ سخت متاثر ڪري ٿي.
سگريٽ نوشيءَ جا دل تي خراب اثر پون ٿا، ڇو ته سگريٽ نوشيءَ سبب رت جون ناليون سُسي وڃن ٿيون، جسم ۾ سڻڀ (Cholestrol) جو مقدار وڌي وڃي ٿو. رت جي ڳاڙهن جزن (RBC) جو آڪسيجن پهچائڻ جي قوت ۾ ڪمي واقع ٿئي ٿي، دل جي ڌڪ ڌڪ ۽ خون جي دٻاءُ (Blood pressure) ۾ اضافو ٿئي ٿو. سگريٽ جي ڪري دل جا مرض ٿين ٿا. دل جي دوري جي شرح وڌي وڃي ٿي.
صحت جي عالمي اداري (World Health Organization) جي رپورٽ مطابق هڪ سگريٽ جو نڪوٽين جمع ڪري ان جو مرڪب ٺاهي، ان مان اڌ مرڪب ڏيڏر جي جسم ۾ داخل ڪيو، جنهنڪري ڏيڏر ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو هو. چين ۾ خودڪشي ڪرڻ لاءِ عام طور تي حقي جو پاڻي، جنهن ۾ نڪوٽين شامل هوندو آهي، پيئندا آهن.
سائنسدانن اهو ثابت ڪيو آهي ته نڪوٽين، زهر جي هڪ رتي خوراڪ سان، هڪ طاقتور ماڻهوءَ کي ٻن ٽن مـنٽـن ۾ ماري سگهي ٿو. آفريڪا جا ماڻهو نانگ کي مارڻ لاءِ عام طور تي تماڪ استعمال ڪندا آهن.
جديد تحقيق موجب ڪينسر جو هڪ وڏو سبب سگريٽ نوشي پڻ آهي، جنهن سان ڳل، چپ، زبان ۽ گلي جو ڪينسر ٿئي ٿو. ان کانسواءِ ڦڦڙن جي ڪينسر ۽ نڙيءَ جي سوڄ جو سبب بڻجي ٿي.
سگريٽ جي دونهين سان ٻارن کي ڪن جو انفيڪشن عام ٿئي ٿو. ان کانسواِءِ زڪام ۽ کنگهه ۾ پڻ مبتلا رهن ٿا، ڇو ته سندن اردگرد جي هوا ۾ موجود دونهون ٻين ماڻهن، خاص ڪري ٻارن جي ڦڦڙن جي صلاحيت ۾ ڪمي آڻي ٿو ۽ گڏوگڏ قوت مدافعت (Immunity Power) کي به گهٽائي ٿو. (وڌيڪ ڏسو: تماڪ).


لفظ سگريٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو