جنسار

جنسار

جنسار2

جنسار2 (ڪتاب ):سنڌ جي نامور اديب ۽ ڏاهي سيـاسـتـدان، قـاضـي فيض محمد جو هيءُ ناول، آڪٽوبر 1956ع ۾ ڇپيو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد پاران محمد ابراهيم جويي ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جي پهرئين ڪتاب جي پيش لفظ ۾ مقبول ڀٽيءَ هن ناول کي سنڌيءَ ۾ اُن وقت تائين لکيل سمورن اصلي ناولن جو صحيح معنيٰ ۾ ’سرتاج‘ سڏيندي لکيو آهي ته ورهاڱي کان پوءِ اهڙا تمام ٿورا ناول لکيا ويا آهن، جن سنڌي ادب ۾ ڪو خاص سڌارو يا واڌارو ڪيو هجي، هن ناول پڙهندي سنڌ جي اڳوڻي سکئي ستابي دور وارا نظاري اکين اڳيان تريو اچن ٿا. ساڳئي وقت تصوير جو ٻيو رخ به نهايت نمايان ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن نه هن سٻاجهي سرزمين جي بيڪس ۽ بيوس انسانن کي ظالم زميندار ۽ سندن ڇاڙتا ڏاڍ جي چڪيءَ ۾ پيڙهين ٿا. هن ناول ۾ قاضي صاحب سنڌ جي سٻاجهڙن ماڻهن جي اصلوڪي صورت پيش ڪري هن ملڪ جي سنجيده ۽ سمجهدار طبقي کي معاشرتي ۽ ذهني انقلاب آڻڻ لاءِ اثرائتي نموني دعوت فڪر ڏني آهي. قاضي صاحب هي تاريخي ناول قيد جي ڪوٺڙيءَ ۾ ڪاغذ جي ردي ٽڪرن، سگريٽ جي خالي پاڪيٽن وغيره تي لکي ٻاهر موڪليندو ويو، جنهن کي سهيڙي ڇپايو ويو. ناول جي ابتدا ۾ قاضي صاحب ارپنا ’نذر‘ عنوان سان هن ريت ڏني آهي:
”منهنجي مٺڙي وطن سنڌ ۽ ان جي سٻاجهن، نماڻن، مظلوم ۽ معصوم سانگيئڙن جي قدمن ۾ هيءَ ناچيز نذرانو پيش ڪريان ٿو.“ هن ناول جي سنڌ جي اوائلي توڙي اڄ تائين لکيل ناولن ۾ وڏي اهميت حاصل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو