سپارڪو

سپارڪو

سپارڪو

سپارڪو (Suparco): هيءُ خلا ۽ مٿانهين هوا تي تحقيق ڪرڻ وارو قومي ادارو آهي. 1961ع ۾ پاڪستاني سرڪار هن اداري کي هڪ ڪميٽيءَ طور قائم ڪيو، پوءِ مارچ 1981ع ۾ هڪ آرڊيننس تحت هن کي مڪمل ڪميشن جي شڪل ۾ بحال ڪيو ويو. هن اداري جي قيام جو مقصد خلائي سائنس جي حوالي سان تحقيق ۽ ان سان لاڳاپيل شعبن ۾ واڌارو ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي قومي، سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اضافو ڪرڻ هو. سپارڪو طرفان خلائي پروگرام جو آغاز 7 جون 1962ع تي ’رهبر اول‘ نالي راڪيٽ کي خلا ۾ ڇڏڻ ذريعي ڪيو ويو. هن راڪيٽ کي ڇڏڻ جو مقصد ٻاهرين ۽ مٿانهين فضا اندر موسمي حالتن جو اندازو لڳائڻ هو.اهڙيءَ ريت پاڪستان ۾ خلائي تحقيق جي ابتدا ٿي ۽ ’رهبر اولراڪيٽ کانپوءِ ’شاهپر‘ ۽ ’رهبر‘ نالي راڪيٽ به فضا ۾ پرواز ڪيو. سپارڪو جي اسٽيشن ڪراچيءَ کان پنجاهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولهه ۾ سون مياڻي سمنڊ جي ڪناري (بلوچستان) ۾ واقع آهي. هن ۾ مختلف طرز جا راڪيٽ لانچر ۽ راڪيٽ جي پرزن کي ڳنڍيندڙ (اسيمبل ڪندڙ) ورڪشاپ ۾ ضروري سامان موجود هوندو آهي. سون مياڻيءَ جي هن مرڪز تان هن وقت تائين 200 کان وڌيڪ راڪيٽ خلائي پروازن لاءِ روانا ٿي چڪا آهن. سپارڪو جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن جو تيار ڪيل ننڍڙو گرهه ’بدر اول‘ چين جي لانگ مارچ 2E لانچر ذريعي جولاءِ 1990ع ۾ خلا ۾ ڇڏيو ويو، جيڪو پاڪستان ۾ خلائي تحقيق ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ بنيادي اهميت جو حامل آهي. هن گرهه جي ڪامياب خلائي تجربي بعد انجنيئرن ۽ سائنسدانن جي حوصلا افزائي ٿي ۽ ٻيو هٿرادو گرهه ’بدر دوم‘ 1998ع ۾ خلا ۾ ڇڏيو ويو.
خلائي تحقيق جي حوالي سان هن اداري کي پاڪستان جي پهرئين سائنسي تحقيقي اداري جي حيثيت حاصل آهي. هن اداري ۾ هٿرادو گرهن سان سڌيءَ ريت براڊ ڪاسٽنگ رسيور ڊزائن ڪيو ويو. اسلام آباد ويجھو قائم ڪيل سپارڪو جي سيٽ لائيٽ گرائونڊ اسٽيشن 1989ع ۾ ڪم جو آغاز ڪيو، جنهن جي وسيلي ملڪي ادارن ۽ ايجنسين کي مستقل ۽ عارضي بنيادن تي عدد، شمار ۽ ضروري اطلاعات فراهم ڪري رهيو آهي. هي سينٽر 2700 ڪلوميٽرن جي وسيع ايراضي تائين ڪم ڪري سگھي ٿو. اهڙيءَ ريت هي سينٽر سڄي پاڪستان سان گڏ آس پاس جي ٻين 26 ملڪن جي ڪجھه حصن يا ملڪن کي مڪمل طور به پنهنجي دائري ۾ آڻڻ جي سگھه رکي ٿو. هي سيٽ لائيٽ گرائونڊ اسٽيشن واحد ريمورٽ سينسنگ رسيونگ اسٽيشن آهي، جيڪا اولهه چين، اولهه منگوليا ۽ وچ ايشيائي ملڪن جي حالتن کي به ڪور (Cover) ڪري سگھي ٿي. 1997ع ڌاري هن سيٽلائيٽ کي جديد فني سهولتن سان متعارف ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هن جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري پيدا ٿي.


لفظ سپارڪوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.06.07  عيسوي

سپارڪو طرفان خلائي پروگرام جو آغاز 7 جون 1962ع تي ’رهبر اول‘ نالي راڪيٽ کي خلا ۾ ڇڏڻ ذريعي ڪيو ويو.



ادارا ۽ تنظيمون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايشين آرٽس اڪيڊمي ڪراچي
سنڌ مدرسة الاسلام
انجمن اسلام لاڙڪاڻو
بئنڪ
اپوا
ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج KSE
دُور درشن
رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد ۽ ڪراچي
تعمير سنڌ
خوشاب نيوڪليئر ڪامپليڪس
ادارا ۽ تنظيمون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون