سومرن جو شجرو

سومرن جو شجرو

سومرن جو شجرو

سومرن جو شجرو (ڪتاب): هي ڪتاب هنڱورجا جي رهاڪو حاجي فقير محمد سومري جو تصنيف ڪيل آهي، جنهن ۾ هن سومرن جي اصليت، سومرن جي مختلف خاندانن جا شجرا ۽ تعارف، جن شهرن ۾ سندن رهائش آهي، تن جو تفصيل ۽ شجرن جي سلسلي ۾ رهنمائي ڪندڙن جا نالا پڻ ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مختصر مهاڳ کانسواءِ پير عبدالوحيد جان سرهندي، ڊاڪٽر خورشيد عباسي، ڪاظم علي شاهه لڪياري، ڊاڪٽر عبدالخالق سومري، ڊاڪٽر غلام قاسم سومري وغيره جا تاثرات به ڏنا ويا آهن. ان کانسواءِ نوجوان محقق آفتاب سومري جو مضمون ’شجرا ڪيئن جڙيا‘ به ڏنو ويو آهي.
ڊيمي سائيز جي 360 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، سومرا برادري سنڌ، عريبا پبليڪيشن ڪراچيءَ کان، 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 500 روپيا آهي.


لفظ سومرن جو شجروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو