سرهندي

سرهندي (ذات): سرهندي حضرت عمر فاروق رضه جي اولاد مان آهن ۽ فاروقي سرهندي سڏجن ٿا. سندن مورث اعليٰ امام احمد رباني مجدد الف ثاني هو، جنهن جي ولايت 14 شوال 1563ع ۾ هندستان جي شهر سرهند انبالا (پنجاب) ۾ ٿي. سرهندي بزرگن مان ڪجهه هجرت ڪري اچي سنڌ ۾ مٽياري، ٽنڊي سائينداد ۽ ڪاماري شريف ۾ ويٺا، جتي سندس ڪافي مريد ٿيا ۽ سرهندي پير سڏجڻ لڳا. سنڌ جا سرهندي پير ٻارهن واسطن سان امام احمد ربانيءَ ۽ چوئيتاليهن واسطن سان حضرت عمر فاروقرضه خليفه الثانيءَ سان واسطو رکن ٿا.


لفظ سرهنديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو