سوراج

سوراج (اخبار): هيءَ روزاني اخبار ٻلديو تارا چند گاجرا، 1918ع ڌاري شڪارپور مان جاري ڪئي، جنهن جو ايڊيٽر ۽ باني به پاڻ هو. هيءَ اخبار ديوي پرنٽنگ پريس شڪارپور مان سنڌيءَ ۾ ڇپائي ويندي هئي. ان دؤر ۾ شڪارپور ۾ هيءَ پهرين روزاني اخبار هئي، جنهن کي خاص اهميت حاصل هئي. شڪارپور کانسواءِ لاڙڪاڻي، جيڪب آباد ۽ سکر ضلعن ۾ هن اخبار جا نمائندا مقرر هئا. هن اخبار جي شروع ۾ قيمت هڪ ٽڪو هئي، جيڪا پوءِ وڌائي هڪ آنو مقرر ڪئي وئي. اخبار شام جو ٽين بجي ڇپائي ويندي هئي. اخبار ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي موضوعن تي خبرون ۽ مضمون شامل هوندا هئا. هيءَ اخبارانڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس‘ جي خاص نمائنده اخبار ليکي ويندي هئي، جيڪا 1947ع تائين جاري رهي ۽ ان کانپوءِ بند ٿي وئي. هيءَ اخبار پنهنجي دؤر جي مقبول ترين اخبار هئي. هن اخبار جون پهريان 500 ڪاپيون شايع ٿينديون هيون، بعد ۾ اڳتي هلي هزار کان وڌي ويون. هن اخبار کي پنهنجي دؤر ۾ ڪافي اهميت حاصل رهي، جنهن ۾ حيرت انگيز سرخيون ڏنيون وينديون آهن. هن اخبار پڙهندڙن ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي.


لفظ سوراجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو