سرينگر

سرينگر

سرينگر

سرينگر: سرينگر، مقبوضه ڄمون ۽ ڪشمير جي گاديءَ جو هنڌ آهي، جيڪو جهلم نديءَ جي ڪناري، 5200 فوٽ بلنديءَ تي ڪشمير واديءَ ۾ واقع آهي. شفاف ڍنڍن ۽ بلند پهاڙن جي وچ ۾ آباد سرينگر، ڪيتري عرصي کان سياحتي مرڪز رهندو آيو آهي ۽ اتان جي معيشيت جو وڏو ذريعو آهي. شهر مان لنگهندڙ جهلم درياهه تي ڪاٺ جون ست پُليون ۽ ان مان نڪرندڙ واهه شهر جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪن ٿا. سرينگر جون خوبصورت مسجدون ۽ مندر شهر جي شهرت جو باعث آهن. هتي موجود درگاهه حضرت بلرح ۾ نبي پاڪ صه جو وار مبارڪ به رکيل آهي. هتي جي جامع مسجد، ڪشمير جي سڀ کان وڏي مسجد آهي، جيڪا پندرهين صديءَ ۾ ٺهي هئي. سرينگر جي ’ڊل‘ ڍنڍ پنهنجي خوبصورتيءَ ڪري سڄيءَ دنيا ۾ مشهور آهي. هتان جا شاليمار ۽ نشاط باغ به بيحد سهڻا آهن. هن شهر ۾ قالين سازي ۽ ريشم جون صنعتون قائم آهن. ان کانسواءِ چمڙي، ڪاٺ ۽ پتل مان ٺهيل مصنوعات دنيا ۾ پسند ڪيون وڃن ٿيون. هتي 1969ع ۾ ڪشمير يونيورسٽي قائم ٿي. هتان ڪشمير وادي ۽ نانگا پربت جو نظارو ڪري سگهجي ٿو. ڀرپاسي ۾ موجوده پهاڙن تي شاهه بلوط، صنوبر ۽ ديودار جا وڏي تعداد ۾ وڻ موجود آهن. سرينگر جي آبادي 10 لکن جي لڳ ڀڳ آهي.


لفظ سرينگرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو