سرلو

سرلو: سرلو مڇي ننڍين مڇين ۾شمار ٿيندي آهي ۽ سرهيي مڇيءَ جهڙي ٿئي ٿي. هن جو رنگ سفيد ٿيندو آهي. سرهيي مڇيءَ جو قسم وڏو ٿيندو آهي، سرلو مڇي ننڍي ٿيندي آهي. هي سال ۾ ٻه دفعا آني ڪندي آهي. عام مڇين وانگر ڍنڍن جو گاهه کائيندي آهي. هن کي ’سُريهڙو‘ ۽ ’سَرنهڙو‘ به چوندا آهن.


لفظ سرلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو