سداب

سداب

سداب

سداب (Garden, Herb Grace Rue): سداب جو ٻوٽو، بلوچستان، هندستان ۽ الجيريا ۾ ٿيندو آهي. هن ٻوٽي بابت ارسطوءَ پنهنجي ڪتاب ’جانورن جي تاريخ‘ ۾ لکيو آهي ته ”نور جڏهن نانگ سان وڙهندو آهي، ته پهرين سداب جي ٻوٽي سان منهن اگهندو آهي.“ حڪيم بقراط هن ٻوٽي کي پيشاب آور ۽ عورتن جي مرضن لاءِ ڪم ايندڙ سڏيو آهي. يوناني دؤر ۾ هي ٻوٽو مرگهيءَ ۽ ڦيريءَ جي مرضن لاءِ اهم دوا سمجهيو ويندو هو. سنڌ جا حڪيم هن ٻوٽي مان بدهضمي، مرگهي، عرق النسا ۽ سَنڌن جي سُور جون دوائون ٺاهيندا آهن. هي ٻوٽو سنڌ ۾ عام ٿئي ٿو.


لفظ سدابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو