پنراڙ

پنراڙ: هڪ قسم جو ٻوٽو آهي، جيڪو پسارڪي وکر طور ڪم ايندو آهي. هيءُ ٻوٽو ڏيڍ فوٽ وڏو، ڪسونبي جي ٻوٽي وانگر ٿئي ٿو. هن جا پن ساوا، لعابدار، بدبوءِ سان ڀريل ۽ گول ٿين ٿا. هن جا پن سانجهيءَ ٽاڻي پاڻ ۾ ملي ويندا آهن ۽ پرهه ڦٽيءَ جو وري ڌار ٿي ويندا آهن. هن ٻوٽي جي ڦرين ۾ سخت ٻج هوندو آهي ۽ اهي ڦريون گرانٺ جيڏيون ڊگهيون ٿين ٿيون. ٻوٽي جا پن ساوا، گل هيڊا ۽ ٻج ڪارا ٿين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو