بقراط

بقراط

بقراط

بقراط: بقراط يونان جو مشهور ڏاهو ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي، جيڪو 469 ق. م ۾ يونان جي ڪوس جزيري ۾ پيدا ٿيو. کيس حڪمت جو ابو ڪوٺيو ويندو آهي. بقراط حڪمت جي تعليم حاصل ڪري حڪمت جو ئي پيشو اختيار ڪيو. هو تعويذ ۽ منتر وغيره جي سخت خلاف هو. هن ثابت ڪيو ته هر مرض جا ڪارڻ قدرتي هوندا آهن ۽ انهن جو علاج دوائن سان ئي ممڪن آهي، نه ڪي تعويذن ۽ منترن سان. هن بيمارين جا ڪارڻ ڳولي لڌا. سندس خيال موجب بيمارين جا ٻه ڪارڻ آهن: هڪ موسمي ۽ ٻيو غلط خوراڪ جو استعمال. هو غذا کي دوائن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اهميت ڏيندو هو. سندس خيال هو ته غذا جو صحيح استعمال بيمارين کان دور ڪري ٿو. هن جا ڪيترائي شاگرد هئا. هو انهن کان قسم نامو وٺندو هو ۽ کين ڊاڪٽري جي ڊگري ڏيندو هو. طب بابت سندس لکيل تحريرون ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن. هن جا مضمون ترجمو ڪري لوب لائبرريءَ ۾ رکيا ويا آهن. ڪن يونيورسٽين ۾ تعليم پوري ڪري ويندڙ شاگردن کان ’بقراطي قسم نامو‘ کڻايو ويندو آهي. بقراط رومي سمنڊ جو سفر ڪيو. هن ڪيترائي شهر گهميا ۽ جتي به ويو، اتي طب جي تعليم جو رواج وڌائين. سندس لکيتون اڄ به اهميت واريون آهن. هن 377 ق. م ۾ وفات ڪئي .


لفظ بقراطھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0469.00.00  قبلِ مسيح

بقراط، 469 ق. م ۾ يونان جي ڪوس جزيري ۾ پيدا ٿيو.


0377.00.00  قبلِ مسيح

بقراط، 377 ق. م ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارباب الهجڙيو
اشعري
ڀڳت ڏيوجي
ٽهلرام آزاد
چارڻ نظير احمد ڊاڪٽر
مرزا محمد عيسيٰ بيگ ثاني ترخان
دلمراد خان کوسو
چانڊيو محمد يوسف خان
انيس فاطمه سومرو ڊاڪٽر
ڄام محمد ايوب عالياڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون