ستياناسي

ستياناسي: هي هڪ ٻوٽو آهي. جيڪو اڪثر ڪڻڪ سان گڏ ٿيندو آهي. پر ڪٿي ڪٿي برسات پوڻ بعد به ٿيندو آهي. قد ۾ هڪ ميٽر جيترو ٿئي، هن ٻوٽي جا پن ڊگھا ۽ ڪنڊن سان جنجهيل هوندا آهن. هن جي ٽاريءَ کي ٽوڙڻ سان هيڊي رنگ جو کير نڪرندو آهي. هن ٻوٽي جا گل هئڊا هوندا آهن، پر ڪٿي ڪٿي سفيد به ٿين ٿا. هن جي گل مـان ڏيـنو نڪرندو آهي، جيڪو ٻه سينٽي ميٽر ٿيندو آهي. ڏيني ۾ چار خانا ٿيندا آهن. هر هڪ خاني ۾ آهر جيڏا ڪارا ٻج ٿيندا آهن.
هن ٻوٽي جو اصل وطن آمريڪا آهي، پر هن وقت سنڌ سميت ٻين ڪيترن ملڪن ۾ ملي ٿو. هن جي ٻجن مان تيل نڪري ٿو، جيڪو مختـلـف دوائن ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو آهي. اصل ۾ هنن ٻجن جو تيـل زهريلو آهي، پر طب جا ماهر ان جو زهر ختم ڪري ٻين ٻوٽين سان ملائي، اُن کي فائديمند بڻائيندا آهن، جڏهن ته حڪيم هن ٻوٽي جي رس مان دستن، ڦٽ ڦرڙين، دم، خارش ۽ السر جي بيمارين لاءِ دوائون ٺاهيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو