ڪانڊيرو

ڪانڊيرو

ڪانڊيرو

ڪانڊيرو (ٻوٽو): هيءُ ٻوٽو، گرم علائقن جو مقامي ٻوٽو آهي. هن کي انگريزي ۾ Camelthorn-bushe Camelthorn ۽ نباتاتي زبان ۾ Alhagi maurorum چيو وڃي ٿو. هي ٻوٽو وچ اوڀر ۾ افغانستان، آرمينيا، آذر بائيجان، اتر- اولھه چين، سپرس، اتر هندستان، ايران، عراق، اسرائيل، اردن، قزاقستان، ڪويت، لبنان، منگوليا، پاڪستان، سائريا، تاجڪستان، ترڪي، ترڪمانستان، ازبڪستان ۽ روس سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿئي ٿو. هيءُ ٻوٽو، پنھنجي مقامي حدن ۾ پاڻمرادو ڦٽي نڪري ٿو. طب جي حوالي سان هن ٻوٽي کي خاصي اهميت حاصل آهي، هي ٻوٽو، قديم وقت کان ڪلين جي غدود واري بيماري، هاضمي جي حفاظتي نظام، پگهر آڻيندڙ، بلغم ڪڍندڙ، قبض ڪشا، دستن جي روڪ ۽ جيوڙا ناس ڪندڙ دوا طور استعمال ٿي رهيو آهي. هي ٻوٽو اتفاق سان پاڻمرادو ڦٽڻ بعد فصل سان گڏ ڦٽل لوسڻ گاهه کي گهڻي ڀاڱي بگاڙي ڇڏي ٿو. هن ۾ معدني تبديلين کي برداشت ڪرڻ جي سگهه موجود ٿئي ٿي، تنھنڪري هي ٻوٽو لوڻاٺيل، پٿريلي، وارياسي ۽ جابلو مطلب ته هر قسم جي زمين تي ڦٽي نڪري ٿو. هن جو قد لڳ ڀڳ 4 کان 5 فوٽ ڊگهو ٿئي ٿو ۽ ان جي ٽارين تي مختصر وٿين کان پوءِ سنھا ۽ چڀندڙ ڪنڊا ٿين ٿا، جنھن ڪري هي ٻوٽو ’ڪانڊيري‘ جي نالي سان سڏجي ٿو.


لفظ ڪانڊيروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو