ساهيريا

ساهيريا (Sahariya): خير محمد ٻرڙي ’ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا‘ ۾ لکيو آهي ته هي هڪ ذات آهي، جڏهن ته ’ٽرائيبس اينڊ ڪاسٽس آف انڊيا‘ جو مصنف لکي ٿو ته هي دراوڙن جو مشهور قبيلو آهي، جيڪو هاڻي للتپور ۽ بندي جبل ۾ رهي ٿو. هي لفظ عربي لفظ سڪارا يا صحرا تان ورتل ٿو ڏسجي يعني ’صحرا جا رهاڪو‘. هي ساڳيو لفظ آفريڪا ۾ رهندڙ قبيلي صحارا سان مشابهت رکي ٿو، جن جي نالي دنيا جو وڏي ۾ وڏو رڻ ’صحارا‘ آهي. ساهيريا لفظ ’سواراس‘ سان به گهڻي مشابهت رکي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي جبلن جا رهاڪو. هي وچ هندستان ۾ مختلف نالن جي ذاتين سان رهن ٿا. سوارس قبيلي ۾ ايندڙ ذاتيون ڪول، مندا، ڪرڪس، ڀيل، بوئياس، وغيره اچي وڃن ٿا. جندي کيل ۾ رهندڙ ساهيرين کي ’راوت‘ ڪري به سڏيندا آهن. راوت سنڌ ۾ رهن ٿا. راوت سنڌ ۾ ماڻهوءَ جو نالو به رکيو ويندو آهي. راوت اصل ۾ سنسڪرت جي لفظ ’راجا- دوتا‘ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ’بادشاهه جو پيغام پهچائيندڙ‘. هنن جون ريتون ۽ رسمون سنڌ ۾ رهندڙ ڪولن، ڀيلن ۽ مندن جهڙيون آهن.


لفظ ساهيرياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو