ساسولي

ساسولي: ڪتاب ’ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا‘ ۾ خير محمد ٻرڙو ڄاڻائي ٿو ته، ساسولي، بزنجو/ بروهي قبيلي جو هڪ پاڙو آهي. ڪوهستان ۾ رهندڙ سينهان ذات جي هڪ پاڙي جو نالو به ’ساسولي‘ آهي. ڪتاب ’بلوچ اور بلوچستان‘ (ص: 80) ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، ”محققن جي راءِ موجب ’ساسولي‘ هوت جي اولاد مان جت آهن.“
جي. ايم. سيد، ڪتاب ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ (ص: 502) ۾ ڄاڻايو آهي ته موسا، ساسولي ۽ سڪونا ڄام آري برفت (حملاڻيءَ) جو اولاد آهن. رئوف ساسولي، مشهور بلوچ سياستدان آهي.


لفظ ساسوليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو