روپاڻي

روپاڻي (ذات): روپاڻي، هندن جي هڪ ذات يا نک آهي. هن آڪهه وارا نوابشاهه، ٽنڊي آدم ۽ ميرپورخاص ۾ رهن ٿا. اصل ويٺل ڳوٺ چانهين تعلقي نوشهري فيروز جا هئا. هن آڪهه وارا زميندار آهن ۽ سڀ آسودا ماڻهو آهن.
روپاڻي، تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ جنجهي، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ۾ رهندڙ سوٽهڙ قبيلي جي هڪ پاڙي جو نالو به آهي. ليکڪ ۽ شاعر ڊاڪٽر پرڌان روپاڻي به هن پاڙي سان تعلق رکي ٿو.


لفظ روپاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو