راسيا

راسيا: راسيا اوڍو سمپورن راڳڻي آهي. هن شرميلي راڳڻيءَ ۾ مڌم تيور ٻيا سڀ سر شڌ آهن. آروهيءَ ۾ مڌم ۽ رکب سر ممنوع آهن. هن جو سرگم، ماپا ڌا پا گاري سا ري گا پا ڌا ني ڌا ني ڌا ما پا ني ڌا پا ما پا ڌا ڌا پا گا ما گا ري سا آهي. هن جي آروهي سا گا پا ڌا ني آهي ۽ امروهي: سا ني ساني ڌا پاني ڌا پا ني ما پا ني ڌا پا ما پا ڌا پا گا ري سا ري گا آهي، جڏهن ته وادي سر گنڌار ۽ سموادي سر نکاد آهي. هيءَ راڳڻي شام جي وقت ڳائي ويندي آهي.


لفظ راسياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو