دين محمد وفائي مولانا

دين محمد وفائي مولانا

دين محمد وفائي مولانا

دين محمد وفائي، مولانا: نامور عالم، اديب ۽ محقق، مولانا دين محمد ولد حڪيم گل محمد، 27 رمضان المبارڪ 1311هه مطابق 4 اپريل 1894ع تي ڳوٺ کٽي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان ورتائين. ان بعد فارسيءَ جي تعليم مولوي محمد عالم کان ۽ عربيءَ جي تعليم مولانا غلام سوني جتوئيءَ واري کان وٺي 1913ع ۾ فارغ التحصيل ٿيو. علم جي تحصيل کانپوءِ مولانا دين محمد ڪجهه وقت لاءِ ڪراچيءَ ۾ رهيو. ان بعد 1914ع کان 1916ع تائين راڻيپور ۾ جيلاني پيرن جي اولاد کي تعليم ڏنائين، تنهن کانپوءِ ٺلاهه ۾ وڃي امام الدين شاهه راشديءَ جي فرزندن کي پڙهائڻ لڳو. مولانا دين محمد وفائي 1920ع ۾ الوحيد اخبار جي اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيو، ٽن سالن کانپوءِ 1923ع ۾ ڪراچيءَ مان ماهوار رسالو ’توحيدجاري ڪيائين. 1926ع ۾ ’سنجوگي‘ شيخن جي تحريڪ شروع ٿي ته هڪ سال لاءِ اتر سنڌ ۾ وڃي تبليغ ڪيائين ۽ 1927ع ۾ ’اخبار الحرب‘ جاري ڪيائين. 1930ع ۾ الوحيد اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ۽ 1934ع ۾ ڪراچيءَ مان ٻيهر ’توحيد‘ رسالو ڪڍيائين. ان کانپوءِ ڪجهه وقت لاءِ ’اخبار آزاد‘ جو به ايڊيٽر ٿي رهيو. 1940ع ۾ ’سنڌي ساهت جو صلاحڪار بورڊ‘ قائم ٿيو ته کيس ان جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. ان کانسواءِ ساڳئي دؤر ۾ ’سنڌي لغت ڪاميٽيءَ‘ تي به ميمبر طور کنيو ويو. اهڙيءَ طرح ورهاڱي کانپوءِ 1949ع ۾ سنڌي درسي ڪتابن کي نئين سر تيار ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي ٺاهي وئي ته کيس به ميمبر چونڊيو ويو.
مولانا دين محمد وفائي ناميارو عالم، بيباڪ صحافي ۽ نامور اديب هو. شعر و شاعريءَ سان به شغف رکندو هو، جنهنڪري ’وفائي‘ تخلص اختيار ڪيائين.
سندس سياسي ۽ علمي تربيت مولانا عبيدالله سنڌيءَ وٽ ٿي. 1920ع ۾ جميعت العلماءِ سنڌ جو ناظم مقرر ٿيو. خلافت تحريڪ دوران هن سنڌ کان هند تائين سمورين ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ ملڪي سطح تي سنڌ جي سري کان وٺي لاڙ تائين اهم جلسن جو انعقاد ڪيائين. هيءُ صف اول جي تحريڪي مبلغن مان هو. خلافت تحريڪ ۾ سرگرم هئڻ دوران ڪيترا ڀيرا جيل ويو. هو نه رڳو ’سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ‘ جو سيڪريٽري ٿي رهيو، پر جماعت لاءِ چندو ڏيڻ، گڏ ڪرڻ ۽ امن سڀائي عالمن کي جواب ڏيڻ ۾ به باقي عالم سياستدانن کان اڳرو رهندو آيو. هن ’سنڌ محمدن ايسوسيئيشن‘ ۾ به شموليت اختيار ڪئي. سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ کانپوءِ مولانا ’سنڌ اتحاد پارٽي‘ سان همدرديون قائم رکيون، پر جڏهن مولانا عبيدالله سنڌي 1939ع ۾ جلاوطنيءَ کان پوءِ واپس وطن وريو ۽ ’جمنا، نربدا سنڌ ساگر پارٽي‘ ٺاهيائين ته سندس ٻانهن ٻيلي ٿي سياست ۾ حصو ورتائين. مولانا دين محمد وفائيءَ کي تاريخ جي مضمون ۾ گهري دلچسپي هئي.
هن مجموعي طـور 60 ڪـتاب لکـيـا، جـن مـان: (1) لـطـف الـطيـف، (2) خلفاءِ راشدين، (3) الهام الباري، (4) تذڪره مشاهير سنڌ (ٽي جلد) اهم آهن. مولانا دين محمد وفائي تاريخ ساز شخصيتن تي ڀرپور نموني ڪم ڪيو ۽ ڪيترين اهم علمي ادبي شخصيتن جون سوانح عمريون لکيون. سندس طبيعت نهايت سادي ۽ فقيراڻي هئي. هو وسيع ذهن ۽ قلب رکندڙ عالم هو.
مولانا دين محمد وفائي، 22 جمادي الآخر 1369هه بمطابق 10 اپريل 1950ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1894.04.04  عيسوي

نامور عالم، اديب ۽ محقق، مولانا دين محمد ولد حڪيم گل محمد، 27 رمضان المبارڪ 1311هه مطابق 4 اپريل 1894ع تي ڳوٺ کٽي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.


1950.04.10  عيسوي

مولانا دين محمد وفائي، 22 جمادي الآخر 1369هه بمطابق 10 اپريل 1950ع تي وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پريل دايو
حيدري نذير حسين
عبدالله ميمڻ
خليل الرحمان مير
اختر بلوچ 2
حسام سومرو
خٽڪ عبدالجبار
پروانونور محمد
آصف رضا موريو
طارق قريشي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون