ٺلاهه

ٺُلاهه: تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ آباد آهن: ’ٺلاهه‘، ’شيرمحمد ڪلهوڙو‘، ’قائم مڱڻ‘، ’پريل ڪلهوڙو‘، ’عرض محمد بروهي‘، ’ڇٽو ڪلهوڙو‘، ’محمد خان مشوري‘، ’سهڻو جتوئي‘، ’روحل ڪلهوڙو‘، ’شادي خان جتوئي‘، ’ٻانهون ڪلهوڙو‘، ’يار محمد جتوئي‘، ’لالو شيخ‘ ۽ ’نصيرمحمد ڪلهوڙو‘. ’ٺلاهه‘شهر کي پيرصاحب پاڳاري جي خاندان مان پير مظهرالدين آباد ڪيو هو. هتي هڪ ديني مدرسو پڻ قائم ڪيو هئائين، جيڪو ضلعي لاڙڪاڻي جو وڏو مدرسو هو. انگريزن جي دور ۾ به اهو وڏو مدرسو هلندو هو. پير مظهرالدين پاڻ بنا ڪنهن معاوضي جي درس ڏيندو هو، پر ٻين معلمن کي پاڻ اجرت ادا ڪندو هو. هن مدرسي پنهنجي دور ۾ سٺا سٺا عالم پيدا ڪيا.


لفظ ٺلاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو