دوٿر

دوٿر (مڇي): دوٿر، سامونڊي مڇي آهي، جيڪا ڏنديو مڇيءَ جهڙي بي ڊولي ٿئي، پر ڏنديو هن کان ويڪري ۽ ڊيگهه ۾ ننڍي ٿئي. دوٿر کي پيلا ڇلر ٿين. هن جي پڇ جا ڪنڊا وکريل ٿين ۽ پٺيءَ تي ڊگھو جھاليدار پنک ٿئي. هن کي مقعد وٽ به هڪ پنک ٿئي. هن جو وات ننڍو ٿئي، پر ڪنهڙ ويڪرو ٿي گولائيءِ ۾ ڦري اچي ٿو. ڪنهڙ جي ٻنهي پاسي هڪ ننڍو پنکڙ (Fan) ٿئي. هيءَ مڇي ڊيگهه ۾ ٻه فوٽ ۽ تور ۾ چار پنج ڪلو ٿئي ۽ کائڻ ۾ لذيذ ٿئي ٿي. دوٿر، ابراهيم حيدري ۽ ٻين سامونڊي ڪنارن تي وڏي تعداد ۾ مرندي آهي ۽ سنڌوءَ ۾ نه ٿي چڙهي.


لفظ دوٿرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو