دائوءَ جا قبا

دائوءَ جا قبا

دائوءَ جا قبا

دائوءَ جا قبا (ماڳ): هي هڪ قديم قبرستان آهي، جنهن ۾ چانڊين جا ڪيترا سردار دفن آهن. هيءُ قبرستان تعلقي ۽ ضلعي قمبر- شهدادڪوٽ ۾ غيبي ديري جي اوڀر اتر ڪنڊ تي ڳوٺ ماهوءَ وٽ آهي. هيءُ ماڳ 1614ع ڌاري جو، سمن جي دور جو چيو وڃي ٿو. هن ماڳ جو ذڪر خليفي عبدالحميد چانڊيي پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جو اتر ڪاڇو عرف چانڊڪو ڪاڇو‘ ۾ ڪيو آهي، انهيءَ ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”ماهوءَ جي جنگ مرزا غازي بيگ جي چرچ تي 8 شعبان 1022هه/ 15 سيپٽمبر 1613ع تي ماهوءَ جي ميدان تي لڳي، جنهن جا اهم محرڪ حاجي ۽ حسڻ چانڊيو هئا. انهن ٻنهي پاڙن ۾ لڳل هيءَ جنگ نجي گھرو ويڙهه يا خانداني جنگ هئي، جنهن ۾ هڪٻئي جو قتلام ڪيو ويو. هن جنگ ۾ چانڊين جي هڪ ڌر جي سپهه سالار دائود خان چانڊيي سميت 1300 سپاهي مارجي ويا، جن جون قبرون هتي واقع آهن. “
هن جنگ لاءِ ڪن محققن لکيو آهي ته اها 1611ع ڌاري لڳي هئي. هن مقام ۾ دائود خان، سيوي خان، اعتبار خان، خان محمد خان، غازي خان، چاڪر خان، محمد خان، محمد باقر خان ۽ والي رکيي سميت ٻين چانڊين سردارن جا مقبرا واقع آهن، جيڪي مختلف وقتن کان ويندي 1819ع تائين تعمير ٿيا. هيءُ هڪ وڏو تاريخي مقام آهي، جنهن جي ايراضي 200 ايڪڙن تي آهي ۽ ان کي دائود چانڊيي جي نسبت سان ’دائو جا قبا‘ سڏيو وڃي ٿو.


لفظ دائوءَ جا قباھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو