خٽڪ

خٽڪ (قبيلو): خٽڪ ڪرلاني افغانن جو هڪ قبيلو آهي. هن قبيلي جا اڪثر ماڻهو خيبر پختونخوا صوبي ۾ رهن ٿا. هن قبيلي جي اصليت بابت عالمن ۾ اختلاف آهي. اسلامي دؤر جي آغاز وقت خٽڪ قبيلي جا مختلف سلسلا ڪوه سليمان ۾ آباد هئا. ان کان سواءِ خٽڪ ڪوه سليمان ۽ سنڌو درياهه جي وچ وارن ميدانن ۾ به آباد رهندا اچن. مشهور پشتو شاعر خان خٽڪ'>خوشحال خان خٽڪ پنهنجي قبيلي جي تاريخ به لکي هئي. خان خٽڪ'>خوشحال خان خٽڪ، پنهنجي قبيلي جو سردار، محب وطن شاعر ۽ مغل بادشاهن جو سخت مخالف هو. خٽڪن جا مشهور ماڳ، اڪوڙه خٽڪ، شهباز ڳڙهه، ڪالاباغ ۽ مکڊ آهن. خٽڪ بهادر ۽ ويڙهاڪ آهن. ان سان گڏ محنتي، همت ڀريا، هوشيار هاري، واپار ۽ ڪاروبار جا ماهر آهن. هن ذات وارن ۾ جبار خٽڪ مشهور سماجي اڳواڻ جيڪو ”عوامي آواز“ جو چيف ايڊيٽر به آهي.


لفظ خٽڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو