خالد آزاد

خالد آزاد

خالد آزاد

خالد آزاد: نوجوان ليکڪ خالد آزاد جو پورو نالو خالد حسين ولد حاجي جڙيو وگهيو آهي. خالد آزاد سٺو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار پڻ آهي، هن ڪيترا تنقيدي ۽ تحقيقي مقالا لکيا آهن. سندس سڃاڻپ ٻاراڻي ادب جي محقق، ڪهاڻيڪار، ٻارڙن جي رسالي ’ادا سائين‘ جي ايڊيٽر طور مشهور آهي.
خالد آزاد، پهرين جنوري 1978ع، مسو ڀرڳڙي ڀرسان ڳوٺ جلال وگهيي، تعلقي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم مسوڀرڳڙيءَ مان، انٽر سائنس ڊگري ڪاليج مٽياريءَ مان ۽ بي. اي ۽ ايم. اي (سنڌي ادب) سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪئي.
خالد آزاد لکڻ جي شروعات ٻارن جي رسالي ’ارچڪ مرچڪ‘ کان 1993ع ڌاري ڪئي، بعد ۾ سندس ڪهاڻيون ۽ شعر ماهوار ’ڪينجهر‘، ’عبرت مئگزين‘، روزانه ’بختور‘ ۽ ماهوار ’ادب‘ ۾ شايع ٿيندا رهيا. ان دوران 1995ع کان 2000ع تائين هن ٻارن جي رسالن’گلستان‘، ’سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن‘ ۽ ٻارڙن جي اخبار ’سنڌ سرهاڻ‘ ۾ سب ايڊيٽر ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ سنڌي اخبارن، عبرت ۽ پاڪ سنڌ ۾ سب ايديٽر طور ڪم ڪيو. خالد آزاد 2000ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ريسرچر مقرر ٿيو ۽ جلد ئي ٻارن جي ادب بابت صلاحڪار ڪاميٽيءَ جو کيس ميمبر بنايو ويو ۽ هو 2001ع ۾ ’ٻارن جي ادب‘ شعبي جو انچارج مقرر ٿيو، بعد ۾ پبليڪيشن شعبي ۾ ايڊيٽر ۽ پبليڪيشن آفيسر رهيو ۽ هن وقت وٽس اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (ائڊمن) جي چارج آهي. خالد آزاد ٻارن جي ماهوار رسالن ’گلڙا‘، ’نٽ کٽ‘، ’ساٿي‘، ’گل ڦل‘ وغيره جي ايڊيٽوريل بورڊن جو ميمبر ۽ ٻارن جي مشهور رسالي ”ادا سائين“ جو ايڊيٽر به رهيو آهي. کيس 2009ع ۾ ٻارن جي ادب تي ڪم ڪندڙ بين الاقوامي اداري ”انٽرنيشنل ريسرچ سوسائٽي فار چلڊرين لٽريچر“ جو پاڪستان ۾ اعزازي ميمبر مقرر ڪيو ويو. هن دعوه اڪيڊمي اسلام آباد، وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي، ملير اسٽوڊنٽس فورم ڪراچي ۽ ٻين ادارن جي ڪانفرنسن ۽ پروگرامن ۾ شرڪت ڪري، ٻاراڻي ادب تي مقالا پڙهيا ۽ ڪيترا ليڪچر ڏنا آهن. ٻاراڻي ادب ۾ خدمتن عيوض کيس دعوة اڪيڊمي اسلام آباد، ’نشان اعزاز‘ سان گڏ سنڌ چلڊرين اڪيڊمي خيرپور، سنڌي ٻالڪ ادبي سنگت، نٽ کٽ گروپ آف پبليڪيشن، ماهوار ساٿي، روشن دنيا ٻالڪ سنگت، هيومن ڊيولپمينٽ ائسوسيئيشن ملير، اسٽوڊنٽس اينڊ رائيٽرز فورم ڪراچي، مونو پبلڪ انگلش هاءِ اسڪول حيدرآباد، پيرل قمبر ادبي سنگت شهدادڪوٽ، فيڊرل اردو يونيورسٽي ڪراچي ۽ ٻين ادارن کان مڃتا ايوارڊ ۽ شيلڊون ملي چڪيون آهن.
خالد آزاد جي ٻاراڻي ادب بابت: ڇپيل ڪتابن ۾ ’جيجل جي هنج ۾‘
(ڪهاڻيون: 2001ع)، ’جانورن جو بادشاهه‘ (خير محمد بلوچ سان گڏ ترجمو: 2001ع)، ’ڏاها ڀائر‘ (ترتيب:2001ع) ۽ ’سج اڀرڻ کان پوءِ‘ (ناول: 2005ع) شامل آهن. ان کان سواءِ خالد آزاد، پنهنجي ساٿي، خان محمد جروار سان گڏ ’انگريزي- سنڌي دفتري لغت‘ پڻ ترتيب ڏني آهي، جيڪا سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، 2009ع ۾ شايع ڪئي آهي. خالد آزاد 11-2010ع دوران سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد جو سيڪيريٽري پڻ رهي چڪو آهي.


لفظ خالد آزادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.01.01  عيسوي

خالد آزاد، پهرين جنوري 1978ع، مسو ڀرڳڙي ڀرسان ڳوٺ جلال وگهيي، تعلقي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پلي معمور يوسفاڻي
شمس سومرو ڊاڪٽر
ڄيٺانند ڀاونداس لعلواڻي
رحيمداد مولائي شيدائي
حاجي محمود ’خادم‘
ابراهيم سنڌي ڊاڪٽر
عبدالله خان مگسي
شمشاد احمد سومرو
رفيق احمد مڱريو ڊاڪٽر
آگرو غلام رباني
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون