پڙهيا

پڙهيا: اهي شيون، جن تي ڪي ٽوڻا ڦيڻا يا ڪامڻ ڪيل هجن: مثال طور ڪاري سُٽ جو ڌاڳو، تعويذ، پليتا، پڙهيل پاڻي، وار، هٿن جا ننهن وغيره. پڙهيا خاص ڪري وارن، هٿن پيرن جي ننهن تي ڪيا ويندا آهن. مت موڙهل ماڻهن ۾ ويساهه آهي ته اهي پڙهيا، پوءِ ٽوڻن ڦيڻن ۽ ڪنهن قرباني ڏيڻ کان پوءِ لهندا. انهن کي سنڌ جي سماجي ارتقا ۾ جهالت ۽ اڻڄاڻائيءَ جي اهڃاڻ طور شمار ڪري سگهجي ٿو، جنهن کي تعليم ۽ شعور ذريعي سماج رد ڪري چڪو آهي.


لفظ پڙهياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


ريتون رسمون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پڙهيا
پڙوا
ريتون رسمون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون