بيگلار نامو - ڪتاب

بيگلار نامو - ڪتاب

بيگلار نامو

بيگلار نامو (ڪتاب ): فارسيءَ ۾ لکيل هيءُ هڪ تاريخي ڪتاب آهي، جيڪو ادراڪي بيگلاريءَ سال 1017هه/ 1608ع ۾ لکيو هو ۽ جنهن ۾ پوءِ سال 1034هه/ 1626ع تائين واڌارا ٿيندا رهيا. هيءُ ڪتاب ترخان دؤر جي هڪ امير، شاهه قاسم خان زمان بيگلار (947 هه/ 1540ع- 1019هه/ 1610ع) جي وقت جي احوالن ۽ آثارن تي مشتمل، سنڌ جي هڪ تاريخ آهي. سمن جي زوال کان پوءِ، ارغونن جو بيگلار خاندان وڏي اهميت رکي ٿو. کين سرڪار طرفان نصرپور جي جاگير حاصل ٿي. ادراڪي بيگلاري هن خاندان جو مصنف ۽ شاعر هو. پاڻ هيءُ ڪتاب لکي پنهنجي خاندان جي تاريخ ترتيب ڏيئي محفوظ ڪيائين. بقول پير حسام الدين شاهه راشدي، هيءُ ڪتاب ترخاني دؤر جي سلسلي ۾ نهايت ئي مستند دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هن ڪتاب جي وڏي اهميت آهي. ايليئٽ، گذريل صديءَ ۾ هن ڪتاب جا ڪي ٽڪرا انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيا ۽ ڪتاب جي باري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيائين. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن ڪتاب جو ترجمو صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ ڪيو، جيڪو پهرين سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ طرفان، ديش متر پريس، مان 1947ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. اهو ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ ڪچي جلد سان آهي، جنهن ۾ 150 صفحا ۽ قيمت 14 آنا ڄاڻايل آهي ۽ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو آهي. ٻيو دفعو هيءُ ڪتاب مئي 1983ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران ڇپايو ويو. اهو ڪتاب 118 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز ۾، ڪچي جلد سان آهي ۽ سردار پرنٽنگ پريس، گاڏي کاتي حيدرآباد مان ڇپيو آهي. سندس قيمت 15 رپيا ڄاڻايل آهي. اصل فارسي ڪتاب، 1980ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايو ويو آهي، جنهن جو مقدمو، حاشيا ۽ تصحيح، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي آهي. اهو فارسي ڪتاب 290 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز ۾ آهي ۽ قيمت 40 رپيا اٿس.


لفظ بيگلار ناموھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1608.00.00  عيسوي

بيگلار نامو ( ڪتاب ) : فارسيءَ ۾ لکيل هيءُ هڪ تاريخي ڪتاب آهي ، جيڪو ادراڪي بيگلاريءَ سال 1017هه/ 1608ع ۾ لکيو هو ۽ جنهن ۾ پوءِ سال 1034هه/ 1626ع تائين واڌارا ٿيندا رهيا .


1540.00.00  عيسوي

بيگلار نامو ( ڪتاب ) : فارسيءَ ۾ لکيل هيءُ هڪ تاريخي ڪتاب آهي ، جيڪو ادراڪي بيگلاريءَ سال 1017هه/ 1608ع ۾ لکيو هو ۽ جنهن ۾ پوءِ سال 1034هه/ 1626ع تائين واڌارا ٿيندا رهيا . هيءُ ڪتاب ترخان دؤر جي هڪ امير ، شاهه قاسم خان زمان بيگلار ( 947 هه/ 1540ع- 1019هه/ 1610ع ) جي وقت جي احوالن ۽ آثارن تي مشتمل ،


1610.00.00  عيسوي

بيگلار نامو ( ڪتاب ) : فارسيءَ ۾ لکيل هيءُ هڪ تاريخي ڪتاب آهي ، جيڪو ادراڪي بيگلاريءَ سال 1017هه/ 1608ع ۾ لکيو هو ۽ جنهن ۾ پوءِ سال 1034هه/ 1626ع تائين واڌارا ٿيندا رهيا . هيءُ ڪتاب ترخان دؤر جي هڪ امير ، شاهه قاسم خان زمان بيگلار ( 947 هه/ 1540ع- 1019هه/ 1610ع ) جي وقت جي احوالن ۽ آثارن تي مشتمل ،



ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حليما
صحيح ابو عَوَانه
دادن فقير جو ڪلام
سيرت النبي
ڀرم جي ڀلائي
رنگ خوشبو هوا
ٽپڻو
تاريخ ڪڇ ۽ مڪران
ڏيئا ڏات جا
ڌرتي ماتا
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون