اچڪزئي

اچڪزئي: پٺاڻن جو اچڪزئي قبيلو بلوچستان جي ضلعن: قلعه عبدالله، چمن، پشين، ڪوئٽه ۽ بارڊر جي ٻئي پاسي افغانستان جي صوبي قنڌار ۾ وڏي تعداد ۾ آباد آهي. ھن قبيلي جو تعلق پٺاڻن جي ابدالي يا دراني قبيلي جي هڪ شاخ بارڪزئي سان آهي. افغانستان جي باني احمد شاهه ابداليءَ جو تعلق به ابدالي يا دراني قبيلي جي هڪ شاخ سدوزئي سان هو. کانئس پوءِ افعانستان تي حڪومت ڪندڙ امير دوست محمد خان، امير شير علي خان، امير عبدالرحمان خان، امير الله خان'>امان الله خان، امير حبيب الله خان، نادر شاهه ۽ سندس پُٽ يعني آخري بادشاهه ظاهر شاهه وارن جو تعلق ابدالي يا دراني قبيلي جي بارڪزئي شاخ سان هو، جيڪي بارڪ خان نالي ھڪ شخص جو اولاد هُئا. چوندا آهن ته بارڪ خان جي هڪ پوٽي جو نالو اَچڪ خان هو جنھن جي اولاد کي اچڪزئي سڏيو ويو.
اچڪزئي قبيلو وري هيٺ وڌيڪ شاخن يا پاڙن ۾ ورھايل آهي جن ۾ مشھور پاڙا: حامد زئي، غبيزئي، ادو زئي، پيرعلي زئي، شمشو زئي، اسحاق زئي، سلطان زئي وغيره آهن. مشھور سياستدان پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جنھن کي اچڪزئي قبيلي جو خان به سڏيو ويندو آهي، اُنھيءَ جو تعلق اچڪزئي قبيلي جي حامد زئي پاڙي سان آهي جنھن جو ڳوٺ ڪوئٽه شھر کان 70 ڪلوميٽر اُتر اولهھ طرف چمن ويندڙ روڊ سان ضلعي ’قلعه عبدالله‘ جو علائقو گلستان آهي. گلستان ۾ ئي اچڪزئي قبيلي جو ھڪ ٻيو مشھور پاڙو غبيزئي به آباد آهي جنھن جو سردار حاجي محمد خان غبيزئي پنھنجي ٻن پُٽن سميت سال 1990 ۾ قتل ٿي ويو هو، جنھن جو الزام محمود خان اچڪزئي تي آيو. اُن کانپوءِ حاجي محمد خان غبيزئي اچڪزئي جي پُٽ حاجي احمد خان غبيزئي اچڪزئي جي، محمود خان اچڪزئي جي پاڙي حامد زئي سان هڪ خطرناڪ خوني قبائلي جهيڙو شروع ٿيو، جيڪو 33 سالن کان جاري آهي جنھن ۾ ٻِنھي ڌُرين جا سوين ماڻهو مارجي چُڪا آھن.


لفظ اچڪزئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو