تولاڻي

تولاڻي: هي اصل اروڙ ونسي هندو آهن، سندن نک ”سچديو“ آهي. هنن جا وڏا عربن جي ڪاهه وقت اروڙ (الور) تعلقي روهڙي مان لڏي پنجاب ويا، جتان پوءِ ڪنهن وقت موٽي، اول چانڊڪا (لاڙڪاڻي) پرڳڻي ۾، ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ آيا. ”سچديو“ نک وارن مان ڪي اڄ تائين پنجاب ۾ آهن ۽ ڪي ڪراچيءَ سنڌ ۾ اچي رهيا. حيدرآباد جي تولاڻين جو وڏو تولارام شيوڪرام هو، جنهن جي نالي پٺيان اهي سڏجن ٿا.
تولاڻين جي ٻين نکن ۾ ”چئناڻي“، ”ڌاميچا“ ۽ ”سپڙا“ اچي وڃن ٿا. ”ڌاميچا“ لاڙڪاڻي طرف رهيا، جڏهن ته ”سپڙا تولاڻي“ کٽياڻن (ضلعي حيدرآباد) ۽ ٽنڊي الهيار طرف رهيا .


لفظ تولاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو