ايوب گل

ايوب گل

ايوب گل

ايوب گل: نوجوان ڪالم نگار، ڊراما نگار، هدايتڪار ۽ شاعر، ايوب گل ولد نظام الدين جو جنم 10 فيبروري 1976ع تي ڳوٺ محمد بچل راڄڙ، ضلعي سانگهڙ ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ هاءِ اسڪول هٿونگي، انٽر ۽ بي.اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج کپري مان ۽ ايم اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين. ڪافي عرصي کان سنڌي ٽي وي چئنل ڪي ٽي اين انٽرٽينمينٽ تي بطور انچارج اسڪرپٽس ڪم ڪرڻ سان گڏ هن وقت سنڌ ٽوئرزم ڊولپمنٽ ڪارپوريشن جي چوٽياريون ڊيم تي موجود بڪار ليڪ ريزارٽ تي مئنيجر طور ڪم ڪري رهيو آھي. ان سان گڏ سنڌ جي مشهور اخبار روازني ”ڪاوش“ ۾ هفتيوار ڪالم ۽ روزاني ”ڪوشش“ حيدرآباد ۾ روز جي بنياد تي شاعري ۽ خبرن تي مزاحيه تبصرا لکندو رهي ٿو. سندس 200 کان مٿي سولو پلي ڪي ٽي اين، پي ٽي وي، آواز ٽي وي ۽ سنڌ ٽي وي چئنلن تان نشر ٿي چڪا آهن. هن روزاني الک، روزاني سنڌو، روزاني تعمير سنڌ، ماهوار لڙڪ مئگزين، روزاني هلچل، هفتيوار مئگزين سنڌو، روزاني ڪاوش ۽ روزاني ڪوشش حيدرآباد ۾ صحافيءَ طور به ڪم ڪيو آهي. ڪي ٽي اين تان سندس نشر ٿيل مشهور ڊراما سيريلز ۾: مزاحيه سيريل ’ٻه ۽ ٻه پنج‘، گهريلو ڪهاڻين تي مشتمل سيريل ’اماس کانپوءِ‘، ’سنڌو‘، ’هوءَ اڪيلي‘، ’ڇوليون‘، ’ڪاغذ جي ٻيڙي‘، ’ڪچا ڌاڳا‘، ’ويچارو مڙس‘، ’ڪومل‘، ’ڪورو ڪاغذ‘، ’ڪونجون‘، ’تتر تيز اڏار‘، ’صحرا جو چنڊ‘، ’برف جا ماڻهو‘ وغيره. نشر ٿي چڪا آهن. هن جون ’ڀڳت ڪنور رام‘ ۽ ’بازار‘ ٽيلي فلمون به نشر ٿيون آهن. 2011ع ۾ سندس ڪامياب سوپ سيريل ’ڪونجون‘ ٽيليڪاسٽ ٿي جنهن کي شيراز جيلاني ڊائريڪٽ ڪيو هو. هن 50 کان مٿي ڊرامن جا ٽائيٽل گيت به لکيا آهن. سندس 3 شعري مجموعا ’رنگن جي خانه بدوشي‘، ’سمونڊ ٿو مونکي سڏي‘ ۽ ’هن مون کي ڇڏي ڏنو‘ شايع ٿيل آهن. کيس 2005ع ۾ صوفي فائونڊيشن لاڙڪاڻي طرفان ڀڳت ڪنور رام اوارڊ، 2006ع ۾ ڪي ٽي اين طرفان ’ڏيئو‘ ٽائيٽل گيت تي بهترين شاعر اوارڊ، 2008ع ۾ ڪي ٽي اين طرفان ’ڪچا ڌاڳا‘ سيريل تي بيسٽ رائيٽر اوارڊ مليل آهن. ايوب گل سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جون ڪيتريون ئي دستاويزي فلمون پڻ ٺاهيون آھن جن ۾ عمرڪوٽ، پڪو قلعو، لاڙ ۾ لطيف، ٿر، لاڙ ۽ ڪوهستان ۾ لطيف، ناٿو فقير لُنڊ، اڇڙو ٿر، چاڏي ۽ چيڪلو شامل آھن. ان کان سواءِ ايوب گل ٻن سالن تائين سنڌ ثقافت کاتي جي ويب چئنل کي پڻ سنڀاليندو رهيو ۽ ناياب گانن تي مشتمل ڪيتريون ئي وڊيوز هن يوٽيوب چئنل تي اپلوڊ ڪرايون. ايوب گل سنڌيءَ سان گڏ اردو ٻوليءَ ۾ پڻ ڊراما ۽ ڪالم لکيا آھن. شاعري ۾ هن پنجڪڙا، آزاد نظم ۽ غزل به ججهي مقدار ۾ لکيا آھن.


لفظ ايوب گلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

01.02.1976  عيسوي

ايوب گل ولد نظام الدين جو جنم 10 فيبروري 1976ع تي ڳوٺ محمد بچل راڄڙ ، ضلعي سانگهڙ ۾ ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خليل بن بصري
پوپ جاهن پال
عبدالقادر ملڪاڻي
شاهه عبدالله بن عبدالعزيز
شاهه بابا مرزا ترخان
چانڊيو سريمڻ
عبدالله خان ڪلهوڙو فقير
چاڳلا غلام علي
صديق سمراٽ
عبدالغفور ميمڻ پروفيسر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون