پرسو جي گدواڻي ڊاڪٽر

پرسو. جي. گدواڻي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ، محقق ۽ لسانيات جي ماهر، ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جو مڪمل نالو، پرسو جيسو مل گدواڻي هو. هن 13 آگسٽ 1937ع تي دادوءَ ۾ جنم ورتو. ورهاڱي وقت دادوءَ جي پرائمري اسڪول ۾ چوٿون درجو پڙهندو هو، ورهاڱي کان پوءِ ڀارت لڏي وڃي پوني شهر ۾ آباد ٿيو. 1962ع ۾ دهلي يونيورسٽيءَ مان هنديءَ ۾ ايم. اي ڪيائين. پوني يونيورسٽيءَ مان 1971ع ۾ ايم. اي لسانيات ۾ ڪري، پوني جي مشهور ڊيڪن ڪاليج ۾ 1971ع کان 1986ع تائين ليڪچرار رهيو. 1986ع ۾ ساگر يونيورسٽيءَ مان هنديءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ورتائين. سندس مقالي جو عنوان ”هندي ۽ سنڌي صوفي شاعرن جو تقابلي اڀياس“ (A Comparative Study of Hindi & Sindhi Sufi Poets) هو. 1986ع کان ڊيڪن ڪاليج جي سنڌي شعبي جو هيڊ ۽ ريڊر رهيو. هن پوني جي انسٽيٽيوٽ آف لنگئسٽڪس مان ايسوسيئيٽ پروفيسر طور جولاءِ 1996ع ۾ رٽائر ڪيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾:
(1) شاهه جو شعر (1973ع)،
(2) سال '>سنڌيءَ جا ٽيهه سال (1979ع)،
(3) سنڌي ٻوليءَ جي زيارت (1989ع)،
(4) ڳيچ يا ڳيجهه (1990ع)،
(5) ڳجهـارتـون (1990ع)،
(6) سـنڌي لوڪ ورثــو (1992ع)،
Similarties in Sindhi and Dravidian Languages (1996) (7)
(8) اچو ته سنڌي سکون (1997ع)،
Let’s Learn Sindhi (1998) (9)
Sindhi Self Tutor (10)
(11) سـنڌي اپڀـاشـائـن جـا چــونـڊ لـفـظ (1999ع)، (12) Glimpses of Sindhi Language (2001)
(13) سنڌي لوڪ گيت: ٻوليءَ جي اوسر (2010ع). سندس مستقل رهائش پوني ۾ هئي، پر سنڌي ٻوليءَ ۽ لوڪ ادب تي تحقيق جي سلسلي ۾ ڪڇ ۾ عارضي گهر ٺهرائي، اتي به رهائش اختيار ڪيائين، جتي پاڻ ۽ سندس گهر واري پشپا گدواڻي ڪافي تحقيق ڪئي. اتي هنن ٻنهي ڪڇ جي ڪولهي، مينگهواڙ ۽ اوڏ ذاتين بابت ڪافي ڪم ڪيو. هن ساڌو واسواڻي ٽرسٽ پاران سڄي هندستان ۾ جتي سنڌي رهن ٿا، اُتي ڪمپيوٽر نيٽ ورڪ ذريعي سنڌي سيکارڻ جو ڪورس شروع ڪيو هو، جنهن رٿا هيٺ 10 هزار سنڌي استاد تيار ڪرڻا هئا، پر زندگيءَ هن جو ساٿ نه ڏنو. سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اسڪالر 24 نومبر 2004ع تي لاڏاڻو ڪيو. سندس گهر واري پُشپا گدواڻي ۽ نياڻي ڊاڪٽر چارو گدواڻي به ادبي ذوق رکن ٿيون. سندس نياڻيءَ ڊاڪٽر چارو گدواڻيءَ، والد جي وفات کانپوءِ سندس ڪتاب ’لوڪ گيت‘ هنديءَ ۾ سهيڙيو هو، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ تازو 2010ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن کي سنڌي ويس اٿارٽيءَ جي ڪارڪن پارسا رضوي ڏنو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.08.13  عيسوي

پرسو جيسو مل گدواڻي 13 آگسٽ 1937ع تي دادوءَ ۾ جنم ورتو.


2004.11.24  عيسوي

ڊاڪٽر پرسو جي گدواڻي 24 نومبر 2004ع تي لاڏاڻو ڪيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چانڊيو عبدالحئي پروفيسر
آفتاب ابڙو
پوپٽي هيراننداڻي
شريف شاد سومرو ڊاڪٽر
عابد مظهر ڊاڪٽر
رسول ميمڻ
جي ايم مهڪري ڊاڪٽر
جميلا هاشمي 1
پريتم ورياڻي
علي اظهار
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون