ٽهلرام آزاد

ٽهلرام آزاد

ٽهلرام آزاد

ٽهلرام آزاد: سنڌي ٻوليءَ جي برک اديب، سماج سڌارڪ صحافي ۽ حسين شخص ٽهلرام آزاد جو مڪمل نالو، ٽهلرام جسو مل ڪوڏواڻي هو. سندس جنم 12 آگسٽ 1925ع تي ٽنڊي محمد خان شهر (اڳوڻي ضلعي حيدرآباد) ۾ ٿيو. مئٽرڪ تائين تعليم حيدرآباد ۾ ورتائين. ورهاڱي کان پوءِ هند ۾، هنديءَ ۾ ’ساهتيه رتن‘ جي ڊگري ورتائين. شاعر، ڪهاڻيڪار، ٻارن جو ليکڪ، صحافي ۽ ڪمپيئر طور پاڻ کي مڃايائين. هو بهترين ڪمپيئر ۽ اسٽيج جو راڻو هو. ممبئيءَ جي اڪثر تهذيبي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ٽهلرام آزاد ڪندو هو. سندس آواز به سُريلو هو، ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڳائيندو به هو. سٺو ڪالم نگار هو، هن سنڌي ۽ هندي زبانن جي ڪيترين اخباري ۽ مخزنن جهڙوڪ: روزاني ”هندستان“، هفتيوار ”هند واسي“ ۽ ماهوار ”سنڌو ڌارا“ وغيره ۾ ڪالم ۽ ليک لکيا. هن انگريزن کان ملڪ جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي ۽ شريمتي سُچيتا ڪرپلاڻيءَ ۽ ٻين سان گڏجي ڪم ڪيو. ٻاراڻي ادب لاءِ به ڪم ڪيائين، سندس هڪ ناول ڇپيل آهي. سندس هيٺيان ڇپيل ڪتاب آهن:
(1) ٻاپوءَ جي سپني جو سوراج (مضمون: 1970ع)، (2) پئنچاتي راڄ (1971ع)، (3) گهر جي روشني (روسي ڪهاڻين جو ترجمو: 1979ع)، (4) جهانسيءَ جي راڻي (ناول)، (5) شفا خانو (ناول: ترجمو)، (6) ناري رتن (ڇهن عورتن جي سوانح عمري: 1982ع)، (7) سڪ جو سڏ (سفرنامو: 1983ع)، (8) هيرا موتي (ٻارن جو ناول: 1985ع)، (9) مها ڀارت (سنڌيءَ ۾: 1986ع)، (10) معصوم مُرڪ، ٻارن جو ناول: 1991ع).
ٽهلرام آزاد 1982ع ڌاري سنڌ گهمڻ آيو، جتي پنهنجن دوستن ۽ بزرگن سائين جي. ايم. سيد ۽ رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ سان ملاقات ڪيائين ۽ واپس وڃي سنڌ جو سفرنامو ”سڪ جو سڏ“ لکي ڇپايائين.
ٽهلرام آزاد جي علمي ادبي ۽ سماجي خدمتن تي کيس ڪيترائي اوارڊ به مليا، جهڙوڪ: (1) سندس ڪتاب ”ٻاپوءَ جي سپني جو سوراج“ تي دهليءَ ۾ صدارتي اوارڊ (1971)، (2) ”پئنچاتي راڄ“ تي گورنمينٽ آف انڊيا پاران دهليءَ ۾ ”بنيادي ساهتيه اوارڊ“ (1972)، (3) ”گهر جي روشني“ ڪتاب تي نئين دهليءَ ۾ U.S.S.R پاران سوويت لئنڊ نهرو اوارڊ (1979)، (4) ”ادبي خدمتن“ (Literary Achievements) تي نئين دهلي ۾ مرڪزي هندو ڊاريڪٽوريٽ پاران اوارڊ (1986)، (5) ايشوري بختاڻي فائونڊيشن پاران اعليٰ ادبي خدمتن (Outstanding Literary Contribution) تي ممبئيءَ ۾ اوارڊ (1990).
ٽهلرام آزاد آل انڊيا ريڊيو ۽ دور درشن جو لڳاتار تجزيي نگار به رهيو. هن جي نياڻي سونل آزاد، سنڌين جي ريتن رسمن تي ڪافي تهذيبي ڪم ڪيو آهي. ڪجهه سال اڳ سنڌ به آئي هئي ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڏسڻ سان ڪافي اتساهه پرائي وئي هئي. ٽهلرام آزاد 26 سيپٽمبر 1990ع تي ممبئيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.


لفظ ٽهلرام آزادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.08.12  عيسوي

ٽهلرام جسو مل ڪوڏواڻي جو جنم 12 آگسٽ 1925ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو


1990.09.26  عيسوي

ٽهلرام آزاد 26 سيپٽمبر 1990ع تي ممبئيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايشوري جوتواڻي 2
چنا صاحب خان
نيٻراج سنگهه سوڍو ڀڳت
سيد صلاح الدين شاهه
حسن اي شيخ
سيد صادق علي شاهه سبزواري
عبدالرزاق مشرب
اثر سنڌي
محمد پريل بيدار مڱريو
پير سومرو2
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون