تهمينه مفتي

تهمينه مفتي

تهمينه مفتي

تهمينه مفتي: شاعره، ڪهاڻيڪاره ۽ محقق ڊاڪٽر تهمينه مفتي، 7 جنوري 1953ع تي، نوابشاهه شهر ۾ ڄائي. سندس تعلق شڪارپور جي مشهور مفتي خاندان سان آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ ”سنڌي ڪهاڻيءَ جو سماجي ڪارج“ عنوان تي مقالو لکي، 1995ع ۾ پي. ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پروفيسر جي عهدي تي ڪم ڪري رهي آهي. سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ شايع ٿينديون رهنديون آهن. شاهه لطيف جي فن ۽ فڪر تي پڻ سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا ڇپيل آهن.
تهمينه مفتيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو ’ڪٿا اپ ڪٿا‘، سينٽر فار پيس ائنڊ سوِل سوسائٽي حيدرآباد طرفان 2007ع ۾ ڇپرايو ويو آهي. ان ڪتاب ۾ ڊاڪٽر تهمينه جون ٽي پراڻيون ڪهاڻيون ۽ باقي نيون ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن، جيڪي وقت گذرڻ باوجود نڪور لڳن ٿيون. هنن ڪهاڻين ۾ جيڪو سماجي منظر پيش ڪيو ويو آهي، اهو اڄ به نظر اچي رهيو آهي. ڪتاب ۾ ڪل ست ڪهاڻيون آهن، جن مان هڪڙي ڪهاڻي ترجمو ٿيل آهي، ڪتاب جو مهاڳ نوجوان دانشور جامي چانڊئي لکيو آهي.
سندس شادي ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر پروفيسر سڪندر علي ميمڻ سان ٿيل آهي ۽ هن وقت، سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيءَ ڄامشوري ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ تهمينه مفتيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو