تلسي ناياڻي

تلسي ناياڻي: تلسي ناياڻيءَ جي سڃاڻپ گائڪ، اداڪار ۽ هدايت ڪار طور آهي. هن جو جنم 15 آگسٽ 1938ع تي، ضلعي نوشهري فيروز جي موري شهر ۾ ٿيو. هن وقت جئپور، (ڀارت) ۾ رهندڙ آهي. سندس تعليم بي. اي آهي. هن 40 کان مٿي اسٽيج ۽ ريڊيو ناٽڪن، جهڙوڪ: ’اڌ مسواڙي‘، ’هڪ ڏينهن جي موڪل‘، ’شڪ جو شڪار‘، ’سفر جا ساٿي‘ ۽ ’جوءِ کپي‘ (اسٽيج ناٽڪ)، ’دائري کان ٻاهر‘، ’مريادا‘، ’ليلا چنيسر‘، ’ڪنهن سان سليان سُور‘ ۽ ’اسٽيل جي ٿالهي‘ (ريڊيو ناٽڪ) وغيره ۾ اداڪاري ۽ هدايتڪاري ڪئي آهي. گائڪ جي حيثيت ۾ جدا جدا شهرن ۾ پيش ڪيل سنگيت پروگرامن ۾ حصو ورتو آهي. آل انڊيا ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي اداڪار توڙي گائڪ طور مظاهرو ڪندو رهندو آهي. سنڌو ويلفيئر سوسائٽي، جئپور جو سيڪريٽري ٿي رهيو آهي ۽ هن وقت ايم- سي. سنڌي پئنچايت هاير سيڪنڊري اسڪول، جئپور، جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.08.15  عيسوي

تلسي ناياڻي جو جنم 15 آگسٽ 1938ع تي ، ضلعي نوشهري فيروز جي موري شهر ۾ ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آغا بدر الدين گهنيو
جوڻيجو منصور قادر
شاهه اسماعيل ڀڙي وارو
جيسرعبدالله خان
جمشيد نسروانجي ميهتا
حاجي علي شاهه هنڱورو
انيس انصاري
جالينوس
عبدالله خطاط
اشرف بلوچ 2
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون