تاجدار عادل

تاجدار عادل

تاجدار عادل

تاجدار عادل: شاعر، ڪھاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ پاڪستان ٽيليويزن جو سينئر پروڊيوسر تاجدار عادل، 17 جولاءِ 1955ع تي حيدرآباد سنڌ جي مشھور ادبي گهراڻي ۾ ڄائو. اردوءَ جو مشھور شاعر صبا اڪبر آبادي، سندس پيءُ ۽ مشھور ڪھاڻيڪار سلطان جميل نسيم سندس وڏو ڀاءُ هو. هن معاشيات ۾ ايم. اي ۽ نشر و اشاعت ۾ بي. اي جون ڊگريون ڪراچي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون. 1975ع ۾ عملي زندگيءَ جي شروعات پاڪستان ٽيليويزن، لاهور سينٽر تان ڪئي. هن پروڊيوسر جي حيثيت ۾ 1975ع ۾ ڪراچيءَ تان ۽ 1978ع ۾ اسلام آباد تان ڪافي پروگرام ڪيا. سندس مشھور پروگرامن ۾: ”منزل“، ”قائداعظم ڪوئز“، ”آدابِ خود آگهي“ ۽ سنڌيءَ پروگرام ”روشن تارا“، ”مھراڻ رنگ“ ۽ ”ناٽڪ رنگ“ شامل آهن. هن پاڪستان ٽيليويزن لاءِ مشھور اديبن: جوش مليح آبادي، فيض احمد فيض، احمد نديم قاسمي، حفيظ جالنڌري ۽ شيخ اياز کان به انٽرويو ورتا. طارق عزيز جو مشھور پروگرام ”نيلام گهر“ ٻارهن سالن تائين پيش ڪندو رهيو. هن ”جيوي پاڪستان“ جي نالي سان پي. ٽي. ويءَ جي هر سينٽر تان هڪ پروگرام پيش ڪيو. ڪراچي سينٽر تان سندس پروگرامن: ”چاره گر“ ۽ ”معاف ڪيجئي گا“، جو ميزبان معين اختر رهيو آهي. اهڙيءَ طرح هن مھتاب اڪبر راشديءَ سان روشن تارا، خوش بخت شجاعت سان ”اپني بات“، لئيق احمد سان ”منزل“ ۽ راحت ڪاظميءَ سان ”پاڪستاني ادب سال به سالپيش ڪيا. سندس شعرن جو مجموعو ”مات هوني تڪ“ ۽ ڪھاڻين جو مجموعو ”اپني گلي مين اجنبي“ شايع ٿي چُڪا آهن


هن صفحي کي شيئر ڪريو