سرور بلوچ

سرور بلوچ

بلوچ سرور

بلوچ سرور: مشهور براڊ ڪاسٽر سرور بلوچ جو دڙي محلي لاڙڪاڻي ۾ 23 مارچ 1929ع تي جنم ٿيو. پرائمري تعليم دڙي محلي مان ۽ ميٽرڪ ميونپسل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ۽ بي. اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين. هن مختلف نوڪريون ڪيون، جهڙوڪ دڙي محلي جي اسڪول ۾ پرائمري ماستر ٿيو، رائل ٽاڪيز (سئنيما) ۾ بڪنگ ڪلارڪ طور ڪم ڪيائين. ان وقت ڪرما باغ لاڙڪاڻي ۾ لوڪل براڊ ڪاسٽنگ ٿيندي هئي، جتي 1943ع کان 1945ع تائين انائونسر رهيو. کيس ڳائڻ جو به شوق هو، ان ڪري 1958ع کان ريڊيو پاڪستان ۽ ڪراچيءَ سان وابستگي ٿيس. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اسٽاف آرٽسٽ ۽ انائونسر ٿيو. ”جمهور جي آواز“ پروگرام ۾ ڪمال خان جو ڪردار ادا ڪيائين. ڊرامن ۾ ”صوتي اثرات“ ڏنائين، لوڪ گيتن کي ريڊيو تان متعارف ڪرايائين. ”ٻارن جي ٻاري پروگرام“ جو ”ادا“ رهيو. ريڊيو جي سدا بهار پروگرامن ”اوهان جو خط پهتو“، ”سيرت النبيءَ مان اقتباس“، ”ٻارن جي ٻاري“، ”اوهان جي فرمائش“، ”يونيورسٽي مئگزن“، ”گيتن ڀريون ڪهاڻيون“ وغيره مقبول بنائڻ ۾ سرور بلوچ جو وڏو هٿ آهي. پروڊيوسر جي حيثيت ۾ لازوال پروگرامن جي تخليق ڪري، انهن تي شاهه جي بيتن جا نالا ڏنائين، جن ۾ ”ڪڙو منجهه ڪڙي“، ”لوچين سي لهن“، ”ويا سي وينجهار“، ”چارڻ چوريو چنگ“ ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. سرور بلوچ 1986ع ۾ سينيئر پروڊيوسر بڻيو. 23 مارچ 1989ع تي رٽائر ڪيائين ۽ 2 جنوري 1990ع تي فجر جي وقت هن دنيا مان، ريڊيو جو هي امر آواز هميشه لاءِ پرواز ڪري ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.03.23  عيسوي

سرور بلوچ، لاڙڪاڻي ۾ 23 مارچ 1929ع تي جنم ورتو.


1990.01.02  عيسوي

سرور بلوچ، 2 جنوري 1990ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حفيظ ڪنڀر
پلي محمد صديق
حبيب الله حبيب شهدادڪوٽي
آغا صوفي
ڀٽو آمنه بيگم
در محمد خان مري
خان عبدالولي خان
رانجهو
سيد عبدالڪريم رضوي حڪيم
ڄام صديق ابڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون