داخلا ؛ 1399
پڙهيو ويو ؛ 442
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-02-14


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--اصغر سائين

ٽائيٽل ؛ اصغر سائين


شاخ : شاعر

اصغر سائين: سنڌ جي مشهور، معروف ۽ مرشد گهراڻي ”پاڳاري خاندان“ سان تعلق رکندڙ -اصغر سائين- جو اصل نالو سيد علي گوهر شاهه هو. هيءُ پير صبغت -الله- شاهه ”تجر ڌڻيءَ“ جي ستن فرزندن مان ٽيون نمبر فرزند هو. جنهن کي ”-بنگلو- ڌڻي“ به سڏيو ويندو هو. سندس ولادت 4 رجب سال 1231هه/ 1816ع ۾ ٿي، جڏهن پير پاڳاري جي سڪونت تعلقي خيرپور جي ڳوٺ ”رحيم ڏني ڪلهوڙي“ ۾ هئي.
پير صبغت -الله- شاهه ”تجر ڌڻيءَ“ پنهنجي جماعت جو سردار ۽ مجاهدن جو سپهه سالار هو. سندن گهراڻو -تصوف- ۽ طريقت جي حوالي سان قادري ۽ نقشبنديءَ، ٻنهي طريقن سان لاڳاپيل هو. اصغر سائينءَ جي -تعليم- ۽ تربيت سندس والد صاحب جي نگرانيءَ ۾، فارسي ۽ عربيءَ جي تجربيڪار استادن وٽ ٿي. -ان- ڪري هن جلد ئي فارسي زبان تي عبور حاصل ڪري ورتو. پنهنجي -تعليم- تربيت جو دؤر پورو ڪري، طريقت ۾ پنهنجي والد کان -بيعت- وٺي، اڃا جوانيءَ وري دؤر ۾ قدم مس رکيائين ته سندس والد صاحب 5 رمضان سال 1246هه/1830ع تي لاڏاڻو ڪري ويو، -ان- وقت سندس عمر 15 سال هئي. توڻي جو کانئس ٻه وڏا ڀائر ويٺل هُئا، پر انهن پڻ سندس سجاده نشينيءَ جي حق ۾ فيصلو ڏنو. هن سجاده نشينيءَ دؤران نئين درگاهه جو بنياد وڌو. درگاهه جي منتقلي -آڪٽوبر- 1834ع ۾، موجوده درگاهه پيرڳوٺ واري مقام تي ٿي، -جتي- -اصغر سائين- پنهنجي والد ۽ ڏاڏي بزرگوار جون تربتون، ڳوٺ رحيم ڏني ڪلهوڙي مان کولائي، مدفون صندوقون ڪڍائي، نئين سر تربتن ۾ جائتو ڪرايون. نئين ماڳ تي درگاهه لاءِ ڪوٽ ڪڍائي، نيون حويليون ٺهرايون. درگاهه جي ڪمن کان مطمئن ٿي، ”پيرپاڳاري“ جي حيثيت ۾ هن جماعت جي پرگهور لهڻ ۽ ماڻهن سان ملڻ جو ڪم شروع ڪيو. پاڻ ڪڇ، پُوربندر، -احمد آباد-، سورت ۽ غالباً بمبئيءَ تائين به ويو. 1836ع ڌاري سندس واپسي ٿي.
سال 1252هه/1836ع کان 1258هه/1842ع تائين، ڇهن سالن وارو عرصو، اصغر سائينءَ جي زندگيءَ جو وڏو تعميري ۽ نتيجا خيز دؤر هو. درگاهه جي جاين جي اڏاوت کان سواءِ جماعت جي فڪري تعمير طرف پڻ ڌيان ڏنائين. سندس اڳواڻيءَ هيٺ تاريخي طور سنڌ ۾ ديني ۽ ادبي -تحقيق- جي آبياري ٿي. پنهنجي جدامجد پير سيد محمد راشد (روضي ڌڻيءَ) جي وڏن خليفن ۽ پنهنجي والد جي وڏن مريدن سان صلاح مشورو ڪري، کين رٿا ۾ شامل ڪيائين. هن رٿا جو اڳواڻ خود ٿيو ۽ ساڻس گڏ خليفو محمود نظاماڻي ڪڙئي وارو، فقير عبدالله ڪاتيار، خليفو نبي بخش لغاري (مشهور شاعر) ۽ خليفو گل محمد هالائي (سنڌي غزل جو پهريون صاحب ديوان) هُئا. خليفي محمود، پير محمد راشد جي، قادري ۽ نقشبندي طريقن جي -اتحاد- واري راهه هدايت کي پنهنجي ڪتاب ”المحبوبية الحمودية“ ۾ سهڻي نموني سمجهايو. اهو ڪتاب خليفي، اصغر سائينءَ جي حڪم تي لکيو. -اصغر سائين- پنهنجي والد پير صبغت -الله- شاهه ”تجر ڌڻيءَ“ جي ملفوظات کي خود مرتب ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو، جنهن ۾ خاص اعتماد وارا خليفا شامل هئا. خليفي نبي بخش جي ڪوشش سان لاڙ، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي فقيرن کان پير سائين جي ملفوظات واريون روايتون جمع ٿيون ۽ وٽس پهتون. 1255هه/1839ع ۾ جڏهن ”ملفوظات خزانة المعرفة“ مرتب ۽ مڪمل ٿي ويو ته -ان- جو مهاڳ -اصغر سائين- خود لکيو. فيبروري 1843ع ۾ انگريزن سنڌ جي اميرن کي گرفتار ڪري نظربند ڪيو ۽ خيرپور جي واليءَ مير علي مراد ذريعي پيرسائين پاڳاري، اصغر سائينءَ خلاف وسيع حڪمت عمليءَ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو. سندس ڪوٽ تي چوڪسيءَ پڻ مير علي مراد پئي ڪئي. اصغر سائينءَ محسوس ڪيو ته مقابلي ڪرڻ جي صورت ۾ رتوڇاڻ ٿيڻ جو خطرو آهي، -ان- ڪري هجرت ڪري، درياهه جي ٻئي ڀر (ضلعي لاڙڪاڻي) ۾ وڃي مقيم ٿيو. اها خبر جڏهن مير علي مراد کي پئي ته ڏاڍو شرمسار ٿيو ۽ معافيءَ لاءِ خط لکيائين.
پير اصغر سائينءَ جي تصنيفن ۽ تاليفن ۾ ”خزانة المعرفة“ (پير صبغت -الله- شاهه -اول- جي ملفوظات)، ”خزانة الاسرار“ (پير صبغت -الله- شاهه -اول- جي 11 خطبن جو مجموعو)، ۽ ”اصغر جون ڪافيون“ شامل آهن. آخري ڪتاب کي اڳتي هلي پروفيسر شيخ محمد فاضل، مختلف نسخا ڀيٽي ”اصغر سائينءَ جي ڪلام“ جي نالي سان ترتيب ڏنو. -اصغر سائين- ڪافيءَ جو وڏو شاعر هو. سندس ڪيتريون ئي ڪافيون زماني جي ستم ظريفيءَ سبب هيٺ مٿي ٿي ويون. سندس ڪلام ۾ تشبيهن ۽ تلميحن جو خوبصورت استعمال ٿيل آهي. پنهنجي دؤر جي حوالي سان سندس شاعري وڏو مقام رکي ٿي. 32 سالن جي عمر ۾ 11 جمادي الاول سن 1263هه/1847ع ۾ لاڏاڻو ڪيائين. سندس وصال جي -تاريخ- فقير بيدل هڪ منظوم فارسي -اٺ- سٽي ۾ قلمبند ڪئي، جنهن جون ٻه سٽون هن ريت آهن:
جناب پير علي گوهر آن ڪريم و رشيد
چو يوده رطلب رب قريب رب برسيد (1263هه )




رايا ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
حوالو ؛

ڇا اوهان وٽ -اصغر سائين- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اصغر سائين - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شاعر - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بادل2
باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
ارشاد عباسي
ارشد هالائي
ارم محبوب
استاد بخاري
اسحاق آهنگر
اسحاق راهي
اسحاق سميجو
اسد الله شاهه بيخود حسيني
اسد بيگ اسد مرزا
اسد چاچڙ
اسلم خيال
اسلم عباسي
اسماعيل اداسي
اسير ملاح
اطهر منگي
اعجازالحق قدوسي
افتخار عارف
افضل قادري
اقبال رند
اقبال شينو
اقبال علامه ڊاڪٽر
اصغر سائين
اڪبر ساگر
اڪرام ساگر عباسي
الانا جِي
بردو سنڌي
الطاف عباسي
الطاف ملڪاڻي
برڪت بلوچ
الهه بخش سرشار عقيلي
الهنواز نواز رُڪڻائي
الهورايو اُداسي بِهڻ
الياس عِشقِي ڊاڪٽر
ابراهيم خليل
ابراهيم خليل ڊاڪٽر
ابراهيم منشي
امام بخش خادم
امام علي شاهه
آخوند عبدالرحمان چانڊيو
امداد جتوئي
امداد جعفري
امداد حسيني
آخوند عبدالقادر بيدل
امر اقبال
آخوند فقير محمد عاجز
امر ساهڙ
ابو البقا ملا ٺٽوي
آخوند گل محمد ھالائي خليفو
بسمل ٽکڙائي
آخوند لطف الله لطف قريشي
بسنت ڪمار رائچنداڻي
بشير احمد بشير
آخوند محمد قاسم هالائي
ابو طالب اعواڻ قطب شاھي
اٽل مل بينام
آدم هنڱورجو
اميد خيرپوري
اميد علي ڪلهوڙو
اميد علي لغاري
امير بخاري
اميربخش امير قريشي
امير بخش نظر سنڌي
امير خسرو
امين محمد ثاني هالائي مخدوم
احسان علي
احسان فقير لانگاهه
احسن الهاشمي
احسن حافظ محمد چنا
احمد بخش احمد مورائي
احمد بخش بدوي
احمد خان اختر
احمد خان گلزار
احمد خان مدهوش
احمد سليم
احمد سولنگي
احمد علي شاهه
احمد فراز
بشير بيوس اوٺو
احمد ملاح مولوي
بشير سيتائي
اختر انصاري اڪبرآبادي
اختر درگاهي
انجم هالائي
ادراڪي بيگلاري
بکر شيخ
آري فقير چانڊيو
آزاد بخاري
آزاد محمد رمضان
ارجن حاسد


.....شاعر موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن