بنگلو

بنگلو: هڪ خاص نموني جي اڏاوت وارو گهر يا رهائش واري جاءِ، جنهن جي چوڌاري ورانڊو ۽ چؤطرف باغيچو هجي. ”اسان کي متان وساريو“ ڪتاب (ليکڪ گنگارام سمراٽ) موجب، بنگلن جي اڏاوت اول بنگال کان شروع ٿي، جن کي ”بانگلا“ چوندا هئا. گري (گادي) قوم جا، ڪاٺ ۽ ڪکن مان ٺهيل گهر، جن کي ڀتيون ڪين ٿين، تن کي ”بنگلو“ چوندا آهن .


لفظ بنگلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو