اشرف علي ٻرڙو

اشرف علي ٻرڙو

اشرف علي ٻرڙو

اشرف علي ٻرڙو: استاد اشرف علي ولد احمد علي ٻرڙو 20 آگسٽ 1945ع تي قنبر شهر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم 1956ع ۾ مين پرائمري اسڪول قنبر مان؛ 1962ع ۾ مئٽرڪ، ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر مان، 1975ع ۾ انٽر، گورنمينٽ شاهه لطيف آرٽس ڪاليج قنبر مان، 1978ع ۾ بيچلر آف آرٽ (بي.اي) ۽ 1984ع ۾ ماسٽر آف آرٽس (ايم.اي) گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتيديري مان پاس ڪيائين. ان کانسواءِ ميونسپل اسڪول قنبر مان 67- 1966ع ۾ ميوزڪ اينڊ سانگس (ڪلاسـيـڪ)۾ پهرين پوزيشن ۽ اعظم طبيبيه ڪاليج حيدرآباد مان فاضل طب و الجراحت جو امتحان 1990ع ۾ پاس ڪري حڪمت جي سند حاصل ڪيائين. هو موسيقيءَ ۽ راڳ ۾ وڏو ماهر هو. استاد اشرف عليءَ موسيقي ۽ راڳ جي بنيادي سکيا پنهنجي والد استاد احمد علي خان ٻرڙي کان حاصل ڪئي، جڏهن ته سندس استاد ماسٽر حضور بخش خان هو، جيڪو خان صاحب امير خان پٽيالا جي گهراڻي جو شاگرد هو. استاد اشرف علي هارمونيم، جلترنگ، سر منڊل، پياني، سائيڊ ڊرم، بينجي، نغاري کانسواءِ ڪيترائي ساز بهترين انداز سان وڄائيندو هو. هن 10 ورهيه حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تان ۽ 8 ورهيه خيرپور اسٽيشن تي پنهنجا فرض سرانجام ڏنا ۽ پنهنجو آواز عوام تائين رسايو. سندس ڪيترائي ڪلام سڌيءَ ريت نشر ڪيا ويا، هاڻي به ڪڏهن ڪڏهن سندن ڪلام نشر ڪيا وڃن ٿا. سندس اڪثر ڪلام پنهنجي وڏي ڀاءُ استاد محرم علي ٻرڙي سان ڳايل آهن، جيڪو به موسيقيءَ ۽ راڳ جو وڏو ڄاڻو آهي. موسيقيءَ ۽ راڳ ۾ سندس ڪيترائي شاگرد آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.08.20  عيسوي

استاد اشرف علي ٻرڙو 20 آگسٽ 1945ع تي قنبر شهر ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد غوث علي شاهه
اِندر ڀوڄواڻي
ابراهيم جليس
شيخ فاضل شاهه قريشي
اي بي آڏواڻي
آفتاب احمد شيخ
حنيف جلال
پير پرڏيهي
عباسي منور علي حاجي
چانڊيو ڀرڪيو شاهاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون