داخلا ؛ 1031
پڙهيو ويو ؛ 659
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2012-02-02


تصويرون




ٽائيم لائين

1931.04.12-A.D
اسدالله شاهه بيخود حسيني30 نومبر 1868ع ڌاري، ٽکڙ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو

1981.07.24-A.D
اسدالله شاهه بيخود حسيني 24 جولاءِ 1981ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو




sindhianaسنڌيانا--اسد الله شاهه بيخود حسيني

ٽائيٽل ؛ اسد الله شاهه بيخود حسيني


شاخ : شاعر

اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني: ڊاڪٽر اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني ولد سيد -الله- بخش شاهه 12 -اپريل- 1931ع تي ڳوٺ -ٽکڙ- ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. پاڻ مشهور شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. ڊاڪٽر اسدالله شاهه مشرقي ۽ مغربي علمن جي تحصيل ۽ تڪميل جي سلسلي ۾ سنڌ ۽ انگلينڊ جي علمي ادارن کان مستفيد ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي اي 1957ع ۾ پاس ڪري ساڳئي سال لنڊن روانو ٿيو. اتي لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جو ريسرچ اسسٽنٽ مقرر ٿيو ۽ بي. اي (آنرس) به ڪيائين. شاهه صاحب ڊاڪٽريٽ جي امتيازي ڊگري ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. جنهن لاءِ سندس مقالي جو عنوان هو ”ايران ۾ تيمور دور ۾ مذهبي طبقن جو معاشري ۽ سياست تي اثر.“ 1960ع ۾ واپس وطن آيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فارسيءَ شعبي ۾ ليڪچرر ٿي رهيو. هن 1953ع ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتو، شاعريءَ جي حوالي سان پهريائين مولانا غلام محمد گرامي صاحب سندس رهنمائي ڪئي ۽ پوءِ سائين مخدوم طالب الموليٰ جي صحبت نصيب ٿيس. شاهه صاحب غزل، نظم، آزاد نظم، رباعي، قطعي، ڪافي ۽ -بيت- وغيره تي طبع آزمائي ڪئي. ڊاڪٽر صاحب اعليٰ پايي جو نثر نويس پڻ هو. شاهه عبداللطيف جي فن ۽ فلسفي جي -تشريح- جي سلسلي ۾ لکيل سندس مضمون زبان جي سلاست ۽ انداز بيان جي لحاظ کان سنڌي نثر ۾ خاص اهميت رکن ٿا: جهڙوڪ شاهه جي سسئي، شاهه جي سهڻي، شاهه جي مومل ۽ شاهه جي مارئي وغيره. کيس خاڪا لکڻ تي پڻ وڏي دسترس حاصل هئي. -ان- سلسلي ۾ ”منهنجا آشنا اديب“ جي عنوان هيٺ اهڙا ته دلڪش خاڪا لکيائين، جو پڙهندڙ جي اڳيان شخصيت کي هوبهو بيهاري ڇڏيائين. -ان- کان علاوه هيٺيان ڪتاب پڻ تاليف ڪيائين. ”پيغام غمگسار عرف حافظ شاهه جو ڪلام“ (1954ع)، ”تذڪره شعراءِ ٽکڙ“ (1959ع)، ”تاريخ جو فلسفو“ (ابن خلدون جي مقدمي جو انگريزيءَ -تان- ترجمو: 1966ع) “، ”ڪليات دلگير“ (ترتيب: 1968ع) ۽ ”يادگار لطيف“ وغيره. سنڌي ٻوليءَ جو هي گهڻگهرو، 24 -جولاءِ- 1981ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.




رايا ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
حوالو ؛

ڇا اوهان وٽ -اسد الله شاهه بيخود حسيني- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اسد الله شاهه بيخود حسيني - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شاعر - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
ارشاد عباسي
ارشد هالائي
ارم محبوب
استاد بخاري
اسحاق آهنگر
اسحاق راهي
اسحاق سميجو
اسد الله شاهه بيخود حسيني
اسد بيگ اسد مرزا
اسد چاچڙ
اسلم خيال
اسلم عباسي
اسماعيل اداسي
اسير ملاح
اطهر منگي
اعجازالحق قدوسي
افتخار عارف
افضل قادري
اقبال رند
اقبال شينو
اقبال علامه ڊاڪٽر
اصغر سائين
اڪبر ساگر
اڪرام ساگر عباسي
الانا جِي
بردو سنڌي
الطاف عباسي
الطاف ملڪاڻي
برڪت بلوچ
الهه بخش سرشار عقيلي
الهنواز نواز رُڪڻائي
الهورايو اُداسي بِهڻ
الياس عِشقِي ڊاڪٽر
ابراهيم خليل
ابراهيم خليل ڊاڪٽر
ابراهيم منشي
امام بخش خادم
امام علي شاهه
آخوند عبدالرحمان چانڊيو
امداد جتوئي
امداد جعفري
امداد حسيني
آخوند عبدالقادر بيدل
امر اقبال
آخوند فقير محمد عاجز
امر ساهڙ
ابو البقا ملا ٺٽوي
آخوند گل محمد ھالائي خليفو
بسمل ٽکڙائي
آخوند لطف الله لطف قريشي
بسنت ڪمار رائچنداڻي
بشير احمد بشير
آخوند محمد قاسم هالائي
ابو طالب اعواڻ قطب شاھي
اٽل مل بينام
آدم هنڱورجو
اميد خيرپوري
اميد علي ڪلهوڙو
اميد علي لغاري
امير بخاري
اميربخش امير قريشي
امير بخش نظر سنڌي
امير خسرو
امين محمد ثاني هالائي مخدوم
احسان علي
احسان فقير لانگاهه
احسن الهاشمي
احسن حافظ محمد چنا
احمد بخش احمد مورائي
احمد بخش بدوي
احمد خان اختر
احمد خان گلزار
احمد خان مدهوش
احمد سليم
احمد سولنگي
احمد علي شاهه
احمد فراز
بشير بيوس اوٺو
احمد ملاح مولوي
بشير سيتائي
اختر انصاري اڪبرآبادي
اختر درگاهي
انجم هالائي
ادراڪي بيگلاري
بکر شيخ
آري فقير چانڊيو
آزاد بخاري
آزاد محمد رمضان
ارجن حاسد
ارجن سڪايل


.....شاعر موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن