داخلا نمبر 1006
عنوان اسحاق جمالي ڊاڪٽر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 552 ڀيرا
داخلا جو حوالو

اسحاق جمالي ڊاڪٽر

اسحاق جمالي،ڊاڪٽر: پورو نالو اسحاق ولد محمود خان جمالي، 20 ڊسمبر 1962ع تي ڳوٺ غلام علي جمالي، تعلقي نيو سعيد آباد موجوده ضلعي مٽياريءَ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪري، مئٽرڪ هاءِ اسڪول بکر جماليءَ مان ڪيائين. گريجوئيشن جامعه ملير ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم.اي سنڌي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1989ع ۾ ڪيائين. سچل سرمست هاءِ اسڪول پپري ڪراچيءَ ۾ چار سال پڙهائڻ بعد پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري 1990ع ۾ نيو علي ڳڙهه ڪاليج ٽنڊي آدم ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هن وقت گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج قاسم آباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان 2008ع ۾ ”سنڌي شاعري جي فن ۽ فڪر جي تحقيقي اڀياس“ (برطانوي دور 1843-1947ع) عنوان تي تحقيقي مقالو لکي پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس ادبي ۽ تحقيقي مضمون ٽماهي مهراڻ ۽ نئين زندگي رسالن ۾ ڇپجندا رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.12.20  عيسوي

ڊاڪٽر اسحاق جمالي 20 ڊسمبر 1962ع تي ڳوٺ غلام علي جمالي، تعلقي نيو سعيد آباد موجوده ضلعي مٽياريءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون