جامعه

جامعه: عربي ٻوليءَ جو هڪ اصطلاح، جنهن جي معنيٰ خاص مقصد هيٺ ماڻهن يا جماعتن کي گڏ ڪرڻ آهي. موجوده وقت ۾ هي اصطلاح ’يونيورسٽي‘ لاءِ به استعمال ٿئي ٿو. لفظ ’جامعه‘ جو پهريون ڀيرو استعمال ان وقت ٿيو، جڏهن 1906ع ۾ ”جامعه مصري جي قيام لاءِ مصر جي ڪن دانشورن هڪ تحريڪ جي ابتدا ڪئي. انهيءَ زماني ۾ اسلامي ملڪن ۾ لفظ ’جامعه‘ يونيورسٽيءَ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ لڳو، جيئن: هند جي ’جامعه مليه‘ يا مصر جي ’جامعه الازهر‘.



لفظ جامعهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو