ثاليس

ثاليس: فونيشيا جو باشندو ۽ يوناني فلسفي ۽ سائنسدان ثاليس 640 ق. م ڌاري ڄائو. هن مصر جي استادن کان سائنس، فلسفي ۽ رياضيءَ جي تعليم ورتي. ثاليس سج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ بابت عجيب نظريو پيش ڪيو ۽ هن سڀ کان پهرين شمسي سال کي 365 ڏينهن جو شمسي سال ڪيو. جيڪو هن جو سڀ کان اهم ڪارنامو آهي. هن جاميٽري جا مسئلا پڻ دريافت ڪيا. سندس نظريي مطابق دنيا جي هر شيءِ پاڻي مان ٺهيل آهي. سندس هن نظريي کي ٻين سائنسدانن رد ڪري ڇڏيو.


لفظ ثاليسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو