اتر: چئن طرفن مان هڪ طرف يا ڏسا: اوڀر، اولھہ، اتر ۽ ڏکڻ – هي اهو طرف آهي جنهن ڏانهن قطب نما جي سئي هميشہ منهن ڪندي آهي جنهن جي ذريعي بحري جھاز ۽ هوائي جھاز طرفن جو اندازو ڪندا آهن اتر ڏانهن منهن ڪرڻ سان ساڄي هٿ تي اوڀر ۽ کاٻي هٿ تي اولھہ جو طرف ايندو ۽ پٺئين پاسي ڏکڻ جو طرف هوندو آهي.