ابڙو عبدالحق

ابڙو عبدالحق

ابڙو عبدالحق

ابڙو عبدالحق: ريڊيو آرٽسٽ ۽ صداڪار حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن جي ڳوٺاڻن ڀائرن جي پروگرام (فتح خان جي ڪچهري) جي ڪردار ”جانڻ“ جي نالي سان مشهور ٿيو. عبدالحق ابڙو نور محمد هاءِ اسڪول ۽ مسلم ڪاليج ۾ پڙهيو ۽ ڪاليج جي زماني ۾ ڊرامن ۾ ڪم ڪندو رهيو. هن ايم. اي سنڌي ادب ۾ ڪئي ۽ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ حصو ورتو.
عبدالحق ابڙو شروع کان ئي ڊرامن ۾ حصو وٺندو هو ۽ اسٽيج جو معروف فنڪار هو. هن سنڌي فلمن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا، ڪيترن ئي ٽي وي ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيائين. پاڪستان حڪومت فني خدمتن جي مڃتا طور کيس تمغه امتياز ڏنو. عبدالحق ابڙو 1937ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ ڄائو ۽ 17 سالن جي عمر ۾ اسٽيج ناٽڪ ۾ ڪم شروع ڪيائين. جڏهن حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن کلي ته کيس 1957ع ۾ اسٽاف آرٽسٽ طور نوڪري ڏني ويئي. هن 1997ع ۾ رٽائر ڪيو، پر پوءِ به هو ڪانٽريڪٽ تي ريڊيو سان لاڳاپيل رهيو. عبدالحق ابڙو ٻارڙن جي پروگرام ۾ ”ماما مکڻ“ جي حوالي سان ٻارن ۾ گهڻو مقبول ٿيو.
سنڌ جو هي گهڻ پاسائين صلاحيت رکندڙ فنڪار سنڌيءَ کان علاوه اردو، گجراتي، بلوچي، پنجابي ٻوليون به ڄاڻندو هو ۽ انهن ٻولين جي ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيائين. هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي لاتعداد پروگرامن ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم دوران مرزا قليچ بيگ جو ڊراموانڪوائري آفيسر‘ اسٽيج ڪيائين ۽ انعام طور کيس وائس چانسلر ڪپ مليو. 66-1965۾ سنڌي مزاحيه پروگرام ”گلدستو“ گهڻو مشهور ٿيو.
سندس پهريون ٽي وي ڊرامو مرزا قليچ بيگ جو ڊرامو ”زينت“ هو ۽ پهرين سنڌي فلم ”محبوب مٺا“ هئي. ان کان علاوه هن ”رنگ محل“، ”گهونگهٽ لاهه ڪنوار“ ، ”سنڌڙيءَ تان صدقي“، ”بادل“ ۽ ٻين فلمن ۾ به ڪم ڪيو. هن پاڻ به ڪيترا ڊراما لکيا ۽ انهن جي هدايت ڪاري به ڪئي. هو ميوزڪ جو به ڄاڻو هو.
هو 6 ڊسمبر 2000ع تي 63 سالن جي عمر ۾ حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. کيس مسو ڀرڳڙي لڳ آبائي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.



هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2000.12.06  عيسوي

عبدالحق ابڙو، 6 ڊسمبر 2000ع تي 63 سالن جي عمر ۾ حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جارج اسٽئڪ ڪئپٽن
شاهد خاقان عباسي
حشمتراءِ ڇٻلاڻي
ڀائي پرتاب
شيخ محمد 2
ڀوپو
پريمي موهن لعل
ڀيمجي جاڙيجو ۽ غلام شاهه سان جنگ
جلال چانڊيو
رياض شاهد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون