آية الڪرسي

آية الڪرسي: قرآن پاڪ جي ٽئين سيپاري ’تلڪ الرسل‘ ۽ سورة بقره جي آيت نمبر 255، جنهن ۾ لفظ ’ڪرسي‘ ڪم آيو آهي، تنهنڪري اُها ’آية الڪرسي‘ سڏجي ٿي. هن آيت ۾ الله تعاليٰ جون ڪي صفتون اثرائتي نموني بيان ٿيل آهن. حديث شريف ۾ هن آيت بابت وڏي فضيلت بيان ٿيل آهي، خاص ڪري خطري جي وقت ۾ پڙهڻ سان دل کي تقويت ملي ٿي. مسلمان گهڻو ڪري سمهڻ وقت هن آيت جو ورد ڪندا آهن. حضرت علي عليه السلام کان روايت آهي ته حضور صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته جنهن مسلمان هر نماز بعد آية الڪرسي پڙهي، ان کي جنت ۾ وڃڻ کان ڪو به روڪي نه ٿو سگهي.


لفظ آية الڪرسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو