تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** ڏور1 **

ڏور1 (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ترتيب ڏنل آهي. هي لوڪ ادب سلسلي جو پندرهون ڪتاب آهي، جنهن ۾ ٽن صفحن جو مهاڳ ۽ 18 صفحن جو تفصيلي مهاڳ شامل آهي، جنهن ۾ ڏور جي هيئت ۽ معنيٰ، ڏور جي سٽاءَ، ڏور جا قسم، ڏور جي سلسلي جا اصطلاح، ڏور ڪچهريءَ جا قانون ۽ مواد جي سهيڙ ۽ ترتيب وغيره شامل آهي. هي ڪتاب چئن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهريون ڀاڱو ’سوا لک‘، جنهن ۾ حضرت آدم عليه السلام کان نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي ڄمڻ تائين بيان ڏنل آهن. انهن بيانن کي ڏور جي صورت ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ڀاڱو ٻيو ’پنجتن‘ جنهن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ۽ اصحاب سڳورن جا بيان ڏنل آهن ۽ انهن کي ڏورن جي صورت ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ڀاڱو ٽيون ’وليت‘، جنهن ۾ اولياء سڳورن جو بيان ڏنل آهي. انهن بيانن کي ڏور جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ڀاڱو چوٿون ’قدرت‘ بابت آهي، جنهن ۾ ڌڻي سڳوري جا معجزا بيان ٿيل آهن ۽ انهن کي به ڏورن جي صورت ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڊيمي سائيز جي ڪتاب ۾ 606 صفحا آهن ۽ هن جي قيمت 275 رپيا آهي.....وڌيڪ پڙهو