کانٽو

کانٽو: ڪراچي ڊويزن ۾، ڪورنگي ضلعي جي لانڍي تعلقي جو هيءُ علائقو ڳوٺاڻي آباديءَ تي مشتمل آهي. هي زرعي علائقو هو، پر هاڻي ڪارخانن ۽ مارڪيٽن ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي. هتي رهائشي اسڪيمون ۽ ڪچيون آباديون ٺھي چڪيون آهن. کانٽي ديھه جو ڪجهه حصو ريلوي لائين جي پار به آهي. سمنڊ جي کاري پاڻيءَ جي ڀرجڻ سان هتي هڪ ڍنڍ ٺھي پئي، ان ڪري هن کي ‘کانٽو ڍنڍ’ يا کانٽي واري ‘ڪسي’ ۽ علائقي کي ديھه ‘کانٽو’ چيو ويندو آهي. سِڪڻ مان نڪتل اُها ڪسي لانڍي تائين پيئڻ جي پاڻي ۽ زراعت لاءِ ڪم ايندي هئي. کانٽو ڪسي، بند، ڍوري يا کڏ کي چيو ويندو آهي. ضلعي لسٻيلي (بلوچستان) ۾ کانٽو ۽ پورالي نئن گڏجي ‘ٽٽياڻ جو ڍورو’ بڻجن ٿا، جيڪو اُٿل ۽ لياري جي وچ تي آهي. ڳوٺ محمد شاهه، شاهه لطيف ٽائون، ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون، رزاق آباد ۽ ٻيا علائقا هن ديھه ۾ آهن. ديھه جي ايراضي 5397 ايڪڙ آهي.


لفظ کانٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو