ڍڍ

ڍڍ (ساز): هي هڪ ساز آهي، جيڪو ڊمري جي شڪل جهڙو ٿيندو آهي. قد بت ۾ ان کان ڪي قدر وڏو آهي. هي ساز انب، زيتون ۽ شيشم جي ڪاٺيءَ مان ٺاهيو ويندو آهي. هن جا سرا چمڙي سان مڙهيل ۽ ڪشن سان ڇڪيل هوندا آهن. ڪشن کي ڇڪي يا ڍرو ڪري آواز ۾ تنوع پيدا ڪبو آهي ۽ ٻئي آڱر سان تال وڄائبو آهي. هن ۾ ٽونئر ٻڌي خوبصورتي پيدا ڪندا آهن.


لفظ ڍڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو