ڌاڪارو

ڌاڪارو (هنر): هيءُ هڪ ڪرت آهي. لوهه مان چڙا، مٽر، کرڪين وغيره ٺاهڻ واري کي ڌاڪارو چوندا آهن. آڳاٽي دور ۾ جوڻ، فتح باغ، سيراڻي ۽ لاڙ جي ٻين شهرن ۾ هن فن جا ڪاريگر گھڻي تعداد ۾ رهندا هئا؛ جيڪي سنڀارن (مينهن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌڻ وارن وڏن چڙن) ٺاهڻ جو ڪم ڪندا هئا. هي ڪاريگر اڪولائي، هٿوڙي، ڦرس، ٻيڙي، ڊيڍي ۽ مٽيءَ جي قالبن سان چڙا وغيره ٺاهيندا آهن. هي هنر سنڌ جي شهرن ۾ موجود آهي، پر لاڙ ۾ هن جو واهپو وڌيڪ آهي.


لفظ ڌاڪاروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو