ڌاريو

ڌاريو

ڌاريو

ڌاريو (ناول): هيءُ ڪتاب مشهور فرينچ ليکڪ ۽ ناول نگار البرٽ ڪامئو (Albert Camus) جي جڳ مشهور ناول ‘L Estranger’ (1942ع) جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو مشهور نقاد ۽ اديب ولي رام ولڀڌاريو‘ عنوان سان ڪيو آهي، جيڪو هن ’اسٽوئرٽ گلبرٽ‘ (Stuart Gilbert) جي انگريزي ترجمي ‘The Outsider’ (1946ع) تان ڪيو آهي ۽ اهو انگريزي ترجمو، البرٽ ڪامئو جي ڄاڻايل ناول جو انگريزي زبان ۾ پهريون ترجمو مڃيو وڃي ٿو. هن ناول جو ’اجنبي‘ عنوان سان سنڌي ٻوليءَ جي ٻئي نامياري اديب لعل پشپ پڻ 1967ع ڌاري ترجمو ڪيو هو. هيءُ دنيا جو جديد ڪلاسڪ ۽ سڀ کان اهم مڃيو ويندڙ ناول آهي. ڊيمي سائيز، پڪي جلد سان، 150 صفحن تي مشتمل هن ناول جي قيمت 65 روپيا آهي. هي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري پاران، 1993ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.


لفظ ڌاريوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو