آواره

آواراه (ڪتاب ): موهن ڪلپنا جو لکيل ناول، جنهن جو پهريون ڇاپو، اپريل 1994ع ۾ شايع ٿيو. ناول جا صفحا 129 آهن ۽ قيمت 150 رپيا اٿس. هيءُ ناول نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد سنڌ جي طرفان ڇپايل آهي. هن ناول جا ڪردار پنهنجي دنيا جا خودمختيار سورما آهن. ٻاهران ائين پيو لڳندو ته اُهي زماني جي چال سان بدلجندا رهن ٿا، پر ڏيکاريل ائين آهي ته هيءُ ڪردار زماني جي چال سان نه، پر زمانو هنن جي چال سان بدلجي رهيو آهي.


لفظ آوارهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو